پاڪستان پاران ابابيل ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستان پاران ابابيل ويپن سسٽم جي اڏام جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته تجربي ۾ مختلف ڊزائين ۽ ٽيڪنيڪل پيراميٽرز جي ڪارڪردگي جو مشاهدو ڪيو ويو آهي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا تجربي جو مشاهدو ڪيو. جنرل ساحر شمشاد مرزا ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي واڌايون ڏنيون، آءِ ايس پي آر موجب ميزائل سسٽم دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ صلاحيت جو اهم عنصر آهي،  ان موقعي تي ٻيون اعليٰ عسڪري اختياريون، سائنسدان ۽ انجنيئرز به موجود هئا، هوڏانهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي، نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ عسڪري قيادت طرفان به ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي واڌايون ڏنيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.