لنڊن ( ۾ ڊ ) برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي غزا ۾ اسپتال تي فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي اسرائيلي دعويٰ رد ڪري ڇڏي آهي. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جو چوڻ آهي ته ڪنهن به راڪيٽ حملي سان اهڙي خوفناڪ تباهي نه ٿيندي آهي، جهڙي نظر اچي رهي آهي. آمريڪي چينل ايم ايس اين بي سي جو چوڻ آهي ته اسرائيل جون دعوائون هن وقت تائين بيانن تائين محدود رهيون آهن ۽ حماس يا اسلامي جهاد طرفان اسپتال تي حملي جو ڪو به ٺوس ثبوت سامهون نه آندو ويو آهي.