ڪارساز سانحي کي 16 سال مڪمل، مختلف شهرن ۾ تقريبون، شهيدن کي ڀيٽا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ ڪارساز سانحي کي 16 سال مڪمل ٿي ويا، شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ پيپلزپارٽي طرفان تقريبون منعقد ڪيون ويون، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، خيرپور، لاڙڪاڻي ۽  ٻين شهرن ۾ پيپلزپارٽي طرفان تقريبون منعقد ڪيون ويون، سکر هاءِ ڪورٽ بار ۾ پيپلز لائيرز فورم سکر ڊويزن طرفان ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو، وڪيل لياقت شر، مشتاق عباسي، محفوظ اعواڻ، رضوانه ميمڻ، شبير شر، محمد سچل ۽ ٻين پيپلزپارٽي ڪارڪنن جي تاريخي سياسي جدوجهد، قيادت توڙي ڪارڪنن جي قربانين ۽ شهادتن کي سرخ سلام پيش ڪيو، ڀرياسٽي جي علي پيلس ھال ۾ پيپلز پارٽي پاران  1 سال اڳ 18 آڪٽوبر ڪراچي ۾ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي استقباليا ريلي ۾ ڪارساز وٽ ٻن بم ڌماڪن ۾ 150 ڪارڪنن جي شھادت جي ڏھاڙي تي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ورسي تقريب ڪوٺائي وئي،  ورسي تقريب ۾ پ پ پ اڳواڻن سيد مرادعلي شاھ، ممتاز چانڊيو، سيد سرفراز علي شاھ، سيد حسن علي شاھ، سيد ظھير حسين شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٽنڊوالهيار ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پ پ جيالن ۽ ڪارڪنن طرفان تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو لائيو خطاب پڻ ڏيکاريو ويو، مٽياري ۾ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٽوليفونڪ خطاب ۾ مٽياري مان چونڊيل اڳوڻي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان، ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان، اڳوڻي ايم پي اي مخدوم محبوب الزمان، محمد علي شاھ ڄاموٽ، سوڌو ضلع ڪائونسل مٽياري جي چيئرمين مخدوم احمد الزمان شرڪت نه ڪئي، مٽياري جي علي بابا شادي هال ۾ منعقد ڪيل تقريب پيپلزپارٽي ضلعي مٽياري جي اڳواڻ مخدوم فخر الزمان ۽ ضلعي صدر علي حسين شاهه ڄاموٽ جي اڳواڻي ۾ رکي وئي، شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ڪار ساز سانحي جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي ضلعي ڄامشورو جي صدر سيد آصف علي شاھ جي اڳواڻي ۾ سبزواري ھائوس سيوھڻ تي جلسو ٿيو، جلسي ۾ آل پاڪستان پيپلزپارٽي جي سمورن ونگز، ضلعي, تعلقي ۽ سٽي جي عھديدارن، ورڪرن ۽ جيالن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جلسي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو جلسي کي خطاب پڻ ڏيکاريو ڪيو. پيپلز پارٽي پاران 18 آڪٽوبر ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ فلسطينين سان اظهار يڪجھتي طور لاڙڪاڻي شهر جي جناح باغ چوڪ ۾ عام جلسو ڪوٺايو ويو، لاڙڪاڻي شهر سميت ضلعي جي چئني تعلقن لاڙڪاڻو، رتوديرو، باقراڻي ۽ ڏوڪري جي مختلف علائقن توڙي ڳوٺن سان واسطو رکندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته جيڪب آباد ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ ڊي سي چوڪ تي جلسو ڪوٺايو ويو، عورتن، مردن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جلسي ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار جيل خان مير اعجاز خان جکراڻي، اڳوڻو ايم پي اي ممتاز جکراڻي، اڳوڻو ايم پي اي محمد اسلم ابڙو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن ضلع دادو جو اجلاس ضلع صدر مير مرتضيٰ ڳورڙ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو اجلاس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، 18 آڪٽوبر جي شهيدن ۽ شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪئي وئي، جلسن، ريلين ۽ تقريبن کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي اڳواڻن سيد مراد علي شاهه، جميل احمد سومرو، اڳوڻي صوبائي وزير سيد ضياءِ عباس شاهه رضوي، سھيل انور سيال، مخدوم فخر الزمان ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي شهيدن جي پارٽي آهي جنهن جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن سدائين جانين جا نزرانا ڏئي ملڪ کي بچايو آهي، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڦاسي جي ڦنڌي تي چڙهڻ پسند ڪيو پر آمر جي آڏو گوڏا نه کوڙيا شهيد ٿي ويو ان کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو شهيد پڻ پنهنجي والد صاحب جي راهه ورتي ۽ وطن لاءِ شهيد ٿي وئي 18 آڪٽوبر 2007 تي سندس قافلي کي ٽارگيٽ ڪيو ويو جنهن ۾ پيپلزپارٽي جا 160 کان وڌيڪ جيالا شهيد ٿي ويا، پ پ پ عام رواجي پارٽي ناھي پر شھيدن جي پارٽي آھي ۽ ھن پارٽي کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شھيدن جي رت جو ريج ڏنل آھي، پاڪستان جي عوام ۽ فلسطين جي عوام جو درد ساڳيو آھي ھُتي بيگناھ ھٿين خالي معصوم فلسطينين کي دھشتگرد اسرائيل شھيد ڪري رھيو آھي ته ھتي اسانجي محبوب اڳواڻن سميت ورڪرن کي دھشتگرد شھيد ڪري رھيا آھن، ھُنن جو مقابلو به دھشتگردن سان آھي ته اسان جو مقابلو به دھشتگردن سان آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.