اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناليواري وي لاگر رضوان رضي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون اهم نوعيت جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،ملڪ رياض جي ڳچي پڪڙ ۾ اچي وئي آهي، ملڪ رياض جو ڪيس لڳو ته ڪيترائي رٽائرڊ حاضر سروس ليفٽيننٽ جنرل، ميجر جنرل، برگيڊيئر،ڪرنل،ميجر، ڪيپٽن عدالت سامهون پيش ٿيا ۽ عدالت کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ملڪ رياض رياستي ادارن کي پاڻ سان ملائي رکيو آهي، اين سي اي معاهدي جي اوٽ ۾ شهزاد اڪبر کي اربين رپيا مليا، هو پاڪستان جي نمبر ون اداري جو اهم ماڻهو آهي، هن کي ملڪ مان فرار ڪرايو ويو،سپريم ڪورٽ سوال ڪيو ته 55 ارب رپيا ڪنهن جمع ڪرايا؟ بحريا ٽائون جي وڪيل چيو ته اسان ته رڳو 5 ارب رپيا جمع ڪرايا آهن، باقي بحريا ٽائون جي پارٽنرز جمع ڪرايا آهن، جنهن تي عدالت چيو ته پارٽنرز کي گهرايو، رضوان رضي چيو ته پارٽنرز عدالت ۾ ايندا ته خبر پئجي ويندي،اهي پئسا اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعي اچن ها ته ايف بي آر جي هيڊ ۾ جمع ٿين ها، اهي پئسا بحق سرڪار ضبط نه ٿيا، شهزاد اڪبر اهي پئسا پوءِ ٻوريون ڀري کڻي آيو ته شهزاد اڪبر ۽ ملڪ رياض مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڦاسي پوندا، عدالت ۾ چيو ويو ته اسان کي 16 هزار ايڪڙ جو واعدو ڪيو ويو پر زمين رڳو 12 هزار ايڪڙ ڏني وئي،جڏهن زمين پوري نه ڏني وئي ته اسان پئسا پورا ڇو ڏيون؟ ان کان اڳتي ڊي ايڇ اي کي گهٽ قيمت تي زمين ڏني وئي آهي، ملڪ رياض اها درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تي جج صاحب چيو ته ٺيڪ آهي اسان اسيسمينٽ ڪرائي ٿا وٺون، پر پهرين ٻڌايو ته اهي پئسا جمع ڪنهن ڪرايا هئا،رضوان رضي چيو ته رياست پاڪستان ڦاسي پئي آهي، اها رياست پاڪستان جيڪا ملڪ رياض جي کيسي جي گهڙي ۽ هٿ جي لٺ آهي، دعا ڪريو ته آخر ۾ ڪو ليفٽيننٽ جنرل يا آرمي چيف هن (ملڪ رياض) کي ريسيڪو ڪرڻ نه پهچي وڃي،هوڏانهن اينڪر مطيع الله جان چيو آهي ته ڪراچي سان شهري پٽيشنر محمود اختر نقوي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت کي ٻڌايو ته بحريا ٽائون جيڪا دعويٰ ڪري رهي آهي ته ان وٽ 12،11 هزار ايڪڙ زمين آهي، اها دعويٰ غلط آهي، بحريا ٽائون هن وقت 37 هزار777 ايڪڙ زمين تي قابض آهي، بلڪه ان کان به وڌيڪ زمين آهي، ان الزام تي چيف جسٽس بحريا ٽائون، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ته جواب ڏنو ته اصل ۾ بحريا ٽائون وٽ ڪيتري زمين آهي،بحريا ٽائون جي الاٽيز جو به وڪيل پيش ٿيو ته اسان کي به ڌر بڻايو وڃي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان معاملي سان الاٽيز جو تعلق ناهي، في الحال توهان کي نٿا ٻڌون،بحريا ٽائون جي وڪيل سلمان بٽ چيو ته ڊي ايڇ اي کي هڪ لک رپيا في ايڪڙ جي حساب سان زمين ڏني وئي آهي، بحريا ٽائون کي ٻه ڪروڙ 72 لک رپيا ايڪڙ جي حساب سان زمين ڏني وئي آهي ان حوالي سان هن سپريم ڪورٽ جو آرڊر پڙهي ٻڌايو ويو،عدالت چيو ته بحريا ٽائون الڳ سان درخواست داخل ڪري ته ان تي غور ڪري سگهجي ٿو، چيف جسٽس چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌائي ته صوبائي ڪميشن جو سربراهه مان نٿو مقرر ڪيان ته پوءِ ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا، ان حوالي سان ايندڙ ٻڌڻي تي قانوني طور آگاهه ڪيو وڃي،بحريا ٽائون جي وڪيل چيو ته ان حڪم تي نظرثاني چاهيون ٿا، عدالت چيو ته اسان عمل درآمد ڪيس تي عمل لاءِ ويٺا آهيون،ملڪ رياض کان پڇي ٻڌايو ته ان ۾ ڪهڙي نظرثاني چاهي ٿو، چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڪهڙن ماڻهن سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ رقم جمع ڪرائي آهي؟ سلمان بٽ چيو ته ٻاهرين ملڪ مان به ڪجهه رقم آئي آهي، ان حوالي سان پنهنجي اصيل کان معلومات وٺي ايندڙ تاريخ تي پيش ڪندس، چيف جسٽس چيو ته اسان ملڪ رياض سميت انهن سمورن ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪنداسين جن سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ قسطون جمع ڪرايون آهن،بحريا ٽائون ، ملڪ رياض ۽ ٻين کي ان حوالي سان نوٽيس جاري ڪيا ويا، ايم ڊي اي بحريا ٽائون کي جيڪي اين او سي ۽ لي آئوٽ پلان جاري ڪيا اهي پيش ڪيا وڃن، بحريا ٽائون جي وڪيل چيو ته اسان کي 16 هزار ايڪڙ بدران 11 هزار ايڪڙ زمين ڏني وئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پوءِ توهان ايترو عرصو ڪٿي هو؟ توهان کي ته سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرڻ گهرجي ها،توهان خاموش ڇو هئا جنهن تي بحريا ٽائون جي وڪيل وٽ ڪو واضح جواب نه هو،چيف جسٽس چيو ته اسان 460ارب رپين جي ادائيگي واري معاملي تي نظرثاني لاءِ نه ويٺا آهيون پر ان ڪيس تي عمل درآمد جي سلسلي ۾ ويٺا آهيون،عملدر آمد بئنچ ڇا ٿيندي آهي،فاروق نائيڪ ۽ ٻين چيو ته آئين ۾ ڪٿي عملدرآمد بئنچ جو تصور ناهي، جسٽس اطهر من الله چيو ته سپريم ڪورٽ کي پنهنجي فيصلي تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ ڪنهن بئنچ جي ضرورت ڇو پيش اچي؟هن بحريا ٽائون جي وڪيل کي چيو ته اهو سپريم ڪورٽ جو فيصلو هو ٻن ڌرين ۾ معاهدو نه هو، ڪيس جي ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي