قبله اول ۽ مسجد اقصيٰ کي بيان بازي سان آزاد نٿو ڪرائي سگهجي:محنتي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته فلسطين ۾ حماس ناجائز  اسرائيلي فوج جو غرور خاڪ ۾ ملائي اڄ پوري امت کي جاڳائي ڇڏيو آهي، رڳو بيان بازي ۽ مزمت سان قبله اول بيت المقدس کي يهودين کان آزاد نٿو ڪرائي سگهجي، اسرائيلي ۽ يهودي ڪمپنين جي مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪري غزه جي مظلوم مسلمانن سان يڪجهتي ۽ اسرائيلي وحشت سان نفرت جو اظهار ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن جي يو آءِ سنڌ جي نائب صدر مولانا عبدالڪريم عابد ۽ مرڪزي مسلم ليگ جي اڳواڻ نديم اعواڻ سان ملاقات دوران ڪئي، هن چيو ته غزه مٿان اسرائيلي بمباري ۾ 2837 عام شهري جن ۾ 738 معصوم ٻار ۽ 936 عورتون شامل آهن جڏهن ته نَو هزار کان وڌيڪ شهري زخمي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسرائيلي سرِعام فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوه ڪري رهيو آهي، پر کيس ڪير به پُڇڻ وارو ڪونهي، 27 لک آبادي واري شهر کي تباهه ڪيو ويو، پر عالمي انساني حقن جون تنظيمون، نام نهاد عالمي طاقتون ۽ مسلم حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.