لياري گينگ ٻيهر سرگرم، واپارين کي ڀتي جون پرچون

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي علائقي  لياري ٽائون چاڪيواڙا ٿاڻي جي حد بهار ڪالوني ۾ دستي بم حملي ۾ زخمي ٿيل نينگري فوت ٿي وئي، پوليس موجب مارجي ويل نينگري جي سڃاڻپ 10 ورهين جي عتيقه طور ٿي آهي،پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته دستي بم حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن لياري جي بهار ڪالوني ۾ دستي بم حملي ۾ هڪ عورت مارجي وئي هئي جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿيا هئا. ايس ايس پي سٽي امجد حيات موجب، شروعاتي ثبوتن مان لڳي ٿو ته ڌماڪو ڪريڪر اڇلائڻ سبب ٿيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته لياري ۾ هڪ دفعو ٻيهر گينگ وار سرگرم ٿي وئي آهي لياري جي واپارين کي ڀتي جون پرچيون ملي رهيون آهن ڪجهه ڏينهن اڳ کارادر ۾ لياري گينگ جي ڪارندي سلمان پٺاڻ پنهنجي ئي گينگ جي ساٿي حماس کي ڀتي جي پئسن جي ورهاست تان سرعام گهٽي ۾ فائرنگ ڪري بيدردي سان قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويو. واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ اچڻ باوجود ڀتو وصول ڪندڙ سلمان پٺاڻ کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته لياري بهار ڪالوني ۾ گذريل ڏينهن ڀتو نه ڏيڻ تان دستي بم هڪ واپاري جي گهر آڏو اڇلايو ويو لياري گينگ وار وصي لاکو ۽ شڪيل بادشاهه خان پرڏيهه مان نيٽ ورڪ هلائي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.