ڪراچي ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ اوٻاوڙو واسڻ ناري مبينا طور قتل، زيادتي جو شڪ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گهريلو ملازمه مبينا طور زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،  ڪراچي جي گلشن اقبال جمالي ڪالوني ۾ بنگلي ۾ ڪم ڪندڙ اٻاوڙو واسي ناري سونيا کي گهر مالڪ بيهوشي ۾ حالت ۾ ڇڏي ويا، ناري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، وارثن زيادتي جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، وارثن موجب ناري الطاف حسين جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي، آچر تي گهر مالڪ ناري  کي اسپتال پهچائڻ بدران بيهوشي جي حالت ۾ اسان جي گهر ڇڏي ويا، وارثن موجب اسان نياڻي کي اسپتال کڻي وياسين ته ڊاڪٽرن جناح اسپتال ريفر ڪيو، جناح اسپتال ۾ آئي سي يو ۾ هئي، اڄ ناري دم ڏنو، وارثن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن چيو ته سونيا جو موت زهر سبب ٿيو، گهر مالڪياڻي جا 2 پٽ گهر ۾ موجود هئا، شڪ آهي ته سونيا سان زيادتي ڪئي وئي ۽ بعد ۾ زهر ڏنو ويو آهي، گهر مالڪ ۽ سندس پٽن کي گرفتار ڪيو وڃي، اسان جي نياڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، اسان کي انصاف کپي، پوليس اسان سان سهڪار نه پئي ڪري، مقتوله اوٻاوڙي جي صابو خان ڳوٺ جي رهواسڻ آهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته گهريلو ملازمه ناري جو موت ڪيئن ٿيو، وارثن زيادتي ۽ زهر ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ميڊيڪل رپورٽ ۾ عورت جو جي موت ۽ زيادتي جا ثبوت سامهون ايندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.