خيرپور/ سيٺارجا (نمائندن وٽان)سيٺارجا ڀرسان حملي ۾ شهيد ٿيل اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ايس ايس پي خيرپور وڏي نفري ساڻ ڪري جوابدارن جي گهرن باهيون ڏئي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، 25 کان وڌيڪ شڪي ماڻهون پوليس گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيا، ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ٻن ڌرين درميان جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙو جي جنازي نماز سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ واحد سوڍڙو ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو، رينجرز جي ونگ ڪمانڊر عمار، اي ايس پي سميت مختلف ضلعي جي ڊي ايس پيز ۽ وڏي تعداد ۾ پوليس آفيسرن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد شهيد کي سرڪاري ؛اعزاز سان آخري رسمون ادا ڪرڻ کان بعد کيس کي سندس آبائي قبرستان پير علي شير ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ ايس ايس پي خيرپور پنهنجي اسپيشل ٽيم ساڻ ڪري جوابدارن جي گهرن کي باهيون ڏئي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ پوليس جي وڏي نفري ڳوٺ ۾ ويهاري ڇڏي، ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد جو خون رائگان نه ويندو شهيد جي قاتلن سميت ڪنهن کي به بخش نه ڪندس خيرپور ضلعي ۾ ڪوبه نو گو ايريا ناهي اوطاق تي پوليس مٿان حملو ڪيو ويو آهي شهيد اي ايس آء جي قاتلن ۽ انهن جي سهولت ڪارن کي ڪڏهن به نه ڇڏينداسين.