حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪو به غير ملڪي قبول ناهي، سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، حور النسا پليجو، ايڊوڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ ايڊوڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ سمورن غير ملڪين کي بنا دير واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪلڻ جو بندوبست وڃي، رجسٽرڊ ٿيل ۽ اڻ رجسٽرڊ افغانين سان گڏ سنڌ ۾ رهندڙ برمين، بنگالين، هندستانين، روهينگين سميت سمورن غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي، هنن چيو ته پاڪستان جي شماريات کاتي ڊجيٽل آدمشماري جا بوگس ڪوڙا پنھنجي مرضيءَ مطابق انگ اکر پڌرا ڪيا، ھاڻي وري سنڌ ۾ رھندڙ لکين افغانين سميت ٻين غير ملڪين بابت ڪوڙا انگ اکر پڌري ڪيا ويا آھن، سپريم ڪورٽ ۾ انٽيليجنس ادارن جي رپورٽ موجب 40 لک کان وڌيڪ غير قانوني افغاني رهن ٿا جيڪي ملڪ جي معشيت مٿان بار آهن، اهي پاڪستان جي سالميت لاءِ خطرو آھن.