ايس ايڇ او سميت اغوا ٿيل پنج اهلڪار آزاد، ڊيل جي ترديد

شڪارپور/پنوعاقل(رپورٽ: ذوالفقار مگسي+رستم انڍڙ) شڪارپور پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن ۾ ايس ايچ او سميت پنج پوليس اهلڪار  آزاد ٿي ويا، تقريبن هفتو اڳ ڪوٽ شاھو ٿاڻي تي ڏوهارين حملو ڪري ايس ايڇ او سميت پنج پوليس اهلڪارن کي  هٿيارن سميت اغوا ڪيو هو، پوليس جو چوڻ هو ته انٽيليجنس بيسڊ ٽارگيٽڊ آپريشن جي دوران ايس ايڇ او سميت پنج پوليس اهلڪارن کي سرڪاري هٿيارن سميت باحفاظت آزاد ڪرايو ويو آهي، آزاد ٿيلن ۾ ايس ايڇ او محبوب بروهي، وڏو منشي نسيم گوپانگ، ڪانسٽيبل جان محمد، ڪانسٽيبل اياز ڪنڀر ۽ ايس ايڇ او جو پٽ محمد علي شامل آهن، ايس ايس پي شڪارپور چيو ته آپريشن بعد مغوين کي آزاد ڪرايو آهي، مون سميت منهنجي جوانن جا حوصلا بلند آهن، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي ٻڌايو ته هڪ ڌاڙيل جي گرفتاريءَ تان پوليس جا جوان اغوا ٿيا، ڊيل ناهي ڪئي، ڊيل ڪريون ها ته ڌاڙيلن کي ڇڏيون ها، اسان ان ڌاڙيل کي گذريل ڏينهن چالان ڪري ڇڏيو، گڏيل آپريش ذريعي مغوين جي آزادي عمل ۾ آئي، ڌاڙيلن کي چئون ٿا ته ڏوهن جي دنيا ڇڏي ڏين، جنهن کي وڙهڻ جو شوق آهي ته اچي وڙهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.