مسلمان ملڪ اسرائيل خلاف جنگي ڏوهن جو ڪيس داخل ڪن: فلسطين ڪانفرنس

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق تجويز ڏني آهي ته فلسطين جي آزادي جي حمايت ڪندڙ ۽ اسرائيلي جارحيت  جي مذمت ڪندڙ چين ۽ روس سميت سمورن ملڪن کي اسلامي سربراهه اجلاس ۾ دعوت ڏني وڃي.اسلامي ملڪ اسرائيلي حڪومت خلاف انصاف جي عالمي عدالت ۾ جنگي ڏوهن جو ڪيس داخل ڪن. اھڙن خيالن جو اظهار ھن اسلام آباد ۾ قومي فلسطين ڪانفرنس کي پنهنجي صدارتي خطاب دوران ڪيو. هن واضح ڪيو ته فلسطين جي آزاديءَ جو واحد رستو اسلامي دنيا متحد ٿي اسرائيلي ظلم خلاف جهاد جو اعلان ڪن. هن  چيو ته جيڪڏهن اسلامي ملڪ پنهنجا ڏهه سيڪڙو وسيلا به فلسطين جي عوام جي مدد لاءِ استعمال ڪن ته پوءِ مسجد الاقصي تي صهيوني قبضو ختم ٿي سگهي ٿو. نائب امير جماعت اسلامي لياقت بلوچ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راجا ظفرالحق احسن اقبال پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد نيئر بخاري پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف  سيڪريٽري جنرل جماعت اسلامي پاڪستان امير العظيم، سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف  پنجاب شمالي جي امير ڊاڪٽر طارق سليم اسلام آباد جو امير نصرالله رنڌاواجي يو آءِ (ف) جي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري جي يو آءِ (س) جي سربراهه مولانا حامد الحق سميت ٻين شرڪت ڪئي. مشهور مذهبي اسڪالر علامه امين شهيدي عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حاجي هدايت الله.تحريڪ استحڪام پاڪستان جي اڳواڻ عامر محمود ڪياني، جاويد نقوي، جمعيت اهلحديث جي سربراهه پروفيسر ساجد ميرعلامه ابتسام الاهي ظهير ليفٽيننٽ جنرل اسد دراني، برگيڊيئر نويد محمد، جي يو پي اڳواڻ صفدر گيلاني اڳوڻو سفير عبدالباسط، اڳوڻو آءِ جي پوليس چيرمين ذوالفقار چيمه صدر الخدمت فائونڊيشن ڊاڪٽر حفيظ الرحمان۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.