ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر )چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ عام چونڊن بابت سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اهم اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ميمبر اليڪشن ڪميشن سنڌ نثار دراني، ميمبر اليڪشن ڪميشن بلوچستان شاهه محمد جتوئي، ميمبر اليڪشن ڪميشن پنجاب بابر حسن ڀرواڻي، ميمبر اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواه جسٽس (ر) اڪرام الله خان، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد خان، صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ انور چوهاڻ،چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار، گهرو سيڪريٽري محمد اقبال ميمڻ، لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري، اطلاعات جو سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ، چيئرمين پلاننگ بورڊ، سيڪريٽري فنانس ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، چونڊن جي عمل ۾ لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن ۽ عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي،هن وڌيڪ چيو ته شفاف چونڊون آزاد، منصفاڻي ۽ غيرجانبدارانه انعقاد بهتر جمهوريت جو ضامن هوندو،اليڪشن ڪميشن عبوري صوبائي حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي ان کان علاوه سرڪاري ملازمن سان ڪنهن به قسم جي سياسي تعصب کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن اهڙي شڪايت ملي ته فوري ڪارروائي ڪئي ويندي،اجلاس دوران سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تيارين جي حوالي سان بريفنگ ڏني، جنهن ۾ هن ووٽر لسٽن جي اپ ڊيٽ ٿيڻ ۽ ووٽرن جي رجسٽريشن بابت آگاهي ڏني،ان موقعي تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ اجلاس کي عام چونڊن جي تيارين جي حوالي سان هن وقت تائين ڪيل انتظامن تي بريفنگ ڏني، چيف اليڪشن ڪمشنر پاران سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ خاص پلان تيار ڪرڻ جا به حڪم ڏيندي وڌيڪ چيو ته اليڪشن کي صاف، شفاف ۽ منصفاڻي بڻائڻ لاءِ فوج ۽ رينجرز جي مدد پڻ ورتي ويندي، هن ان تي عمل جو يقين ڏياريو،اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر ٻڌايو ته سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 67 لک 83 هزار 254 رجسٽرڊ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا،سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 130 سيٽن تي چونڊون ٿينديون جڏهن ته صوبي ۾ 19 هزار 236 پولنگ اسٽيشنون ٺاهيون وينديون صوبي ۾ 4 هزار 430 انتهائي حساس ۽ 8 هزار 80 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي،اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ محمد فخر عالم چيو ته سنڌ حڪومت پاران عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو هن چيو ته صوبائي حڪومت اليڪشن ڪميشن جي حڪمن جي روشني ۾ 100 سيڪڙو ٽرانسفر پوسٽنگ تي عمل ڪري رهي آهي. آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته سنڌ پوليس پاران سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي،عام چونڊن ۾ 1 لک 10 هزار 334 پوليس اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا .