خاص عدالت عمران خان کي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي جج عمران خان کي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

اسلام آباد جي خاص عدالت جي جج ابو الحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان ٽيليفونڪ گفتگو ڪرائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ عمران خان جو وڪيل شيراز رانجها عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران جج چيو ته اڃا تائين اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ طرفان ٽيليفونڪ گفتگو بابت ايس او پيس ناهن آهيون، جي ۾ فون تي ڳالهائڻ بابت ايس او پيس اچن ته ڏسي وٺئون ٿا.

ان دوران عمران خان جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ ورزش لاءِ سائيڪل ڏيڻ چاهيون ٿا، ان تي جج چيو ته سائڪيل جي حوالي سان هو پهريان ئي جيل اختيارين کي چئي چڪو آهي، چاهيان ٿو ته سائيڪل جو غلط استعمال نه ٿئي.

هن چيو ته ائين نه ٿئي ته سائڪيل جيل سپرنٽنڊنٽ هلائيندو رهي، سائڪيل واري معاملي تي آرڊر ڏيان ٿو ، معاملي کي حل ڪيون ٿا.

عدالت ڪيس ۾ مختصر وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ڪئي ته جج ابوالحسنات چيوته ايس او پيس اچي ويون آهن جنهن پٽاندڙ جوابدار کي ڳالهائڻ جي اجازت ناهي، مان وري به جيل مينوئل موجب ٽيليفونڪ گفتگو واري معاملي کي ڏسي وٺاڻ ٿو پر مون کي جيل مينوئل ۾ ٻاهرين مُلڪ ڳالهائڻ جي اجازت تحريري طور ڏيکاريو، مان اوهان جي حق ۾ ڳالهائي رهيو آهيان، ٽيليفونڪ گفتگو جي اجازت ڏيان ٿو.

عدالت فيصلي ۾ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي هدايت جاري ڪندي چيوته پي ٽي آءِ چيئرمين کي پٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.