ڊالر جو انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ وڏو ٽپو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪرنسي ايڪسچينج جي ٻنهي مارڪيٽن ۾ آمريڪي ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو ٽپو ڏئي ڇڏيو ۽ رپئي جي ڀيٽ ۾ مهانگو ٿي ويو آهي.
ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن جي شروعات ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه 3 پئسا گهٽتائي سان 277 رپين تي آيو پر پوءِ واڌ جو رجحان شروع ٿيو ۽ ڊالر رپئي جي ڀيٽ ۾ آهستي آهستي وڌندي 3 رپيا 87 پئسا واڌ سان 280 رپين 90 پئسن تي اچي ويو.
اهڙي ريت اوپن مارڪيٽ ۾ به اربع ڏينهن ڊالر اوچتو 3 رپيا واڌ سان 280 رپين جي سطح تي پهچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.