ڪراچي ( رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سانحي جي شهيدن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي تاريخ ۾ هڪ ناقابل فراموش داستان رقم ڪئي، جيڪو ان ڳالهه جو به ثبوت آهي ته پاڪستاني قوم ڪاميابي سان منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.
ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ڪارساز سانحي جي 16هين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ پ پ چيئرمين چيو ته ان خوفناڪ ۽ خوني سانحي جو غم ۽ ڪاوڙ اڄ به قوم جي ذهنن ۾ تازي آهي. تازو جو اڄ اسان سانحي جي 180 شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ دعا ٿا ڪريون ته الله تعاليٰ کان انهن جي لاءِ رحمت ۽ مغفرت فرمائي. مان پاڪستان پيپلز پارٽي جي طرفان شهيدن جي خاندانن سان تعزيت ۽ سلام پيش ڪريان ٿو.
سانحہ کار ساز کے شہداء نے اپنی جانیں قربان کر کے تاریخ میں ایک ناقابلِ فراموش داستان رقم کی، جو اس بات کا بھی ثبوت ہے کہ پاکستانی قوم جمہوریت کی خاطر ہر مشکل کا مقابلہ کرنے اور جیتنے کا عزم رکھتی ہے۔ چیئرمین پاکستان پیپلز پارٹی بلاول بھٹو زرداری@BBhuttoZardari
مزید پڑھیں:… pic.twitter.com/XD5R0XYgPL
— PPP (@MediaCellPPP) October 17, 2023
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سانحي جو ذميوار اسان کي ياد ڏياريندو رهندو ته آمريت ۽ دهشتگردي جو ڳٺ جوڙ تهذيب ۽ انسانيت جا دشمن آهن. هن چيو ته 18 آڪٽوبر 2007ع شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وطن واپسي جي صورت ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جو جنم ڏينهن هو. مان واعدو ڪريان ٿو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ان ويزن ۽ مشن تي عمل ڪندي پنهنجي ملڪ کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي سياسي، معاشي ۽ جمهوري قوت بڻائينداسين.