آصف زرداريءَ کي مستقبل ۾ صدر ٿيڻ ۽ سياسي ٽڪراءَ کان بچڻ جي صلاح

لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ جي سياسي مستقبل بابت سياسي پارٽين ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ رابطا جاري آهن، انهن رابطن  ۾ اهم نڪتو ملڪ جي معاشي بحاليءَ  جو بحث  هيٺ هجي ٿو.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جا به  اسٽيبلشمينٽ سان رابطا جاري آهن.

ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته  آصف علي زرداريءَ  کي طاقتور حلقن راءِ ڏني آهي ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جو صدر ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ ضروري آهي ته نواز شريف سان معاملا طئه ڪيا وڃن، ملڪ  جي معاشي صورتحال بحال ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي. ان ڪري سياسي ٽڪراءَ  کان پاسو ڪيو وڃي، پيپلز پارٽي  ۽ (ن) ليگ پاڻ ۾ گڏجي ويهي مستقبل جا معاملا طئه ڪن.

آصف زرداريءَ کي اهو به چيو ويو آهي ته ملڪ کي معاشي طور پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ فوري  طور نواز شريف جو ڪردار اهم آهي. ان کي نظر ۾ رکندي پاليسي ترتيب ڏني وڃي. پيپلز پارٽي پنجاب  ۾ خاص طور ۽ ٻين صوبن ۾ پنهنجي تنظيم سازيءَ  تي ڌيان ڏئي جيئن مستقبل ۾ بهتر ۽ سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهي.

ٻئي طرف صحافي راجا عاطف ذوالفقار جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ۾ کيس چيو آهي ته سنڌ ۾ جي ڊي اي يا ايم ڪيو ايم بدران جي يو آءِ پيپلز پارٽيءَ  سان اتحاد ڪري چونڊن ۾ حصو وٺي پر مولانا فضل الرحمان  ان سلسلي ۾ جي يو آءِ  سنڌ جي قيادت سان رابطا ڪري پوءِ جواب ڏيڻ جو چيو آهي، ڇو ته مولانا  فضل الرحمان (ن) ليگ سان به رابطي ۾ آهي ۽ سنڌ ۾ اتحاد ڪرڻ بابت به سندن وچ ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 18 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.