خضدار(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان جي علائقي وڊهه ۾ دستي بم ڦاٽڻ سبب هڪ ٻار فوت جڏهن ته 8 ٻارڙا زخمي ٿي پيا. پوليس مطابق اڱاري ڏينهن خضدار ويجهو اهو واقعو وڍجي علائقي زرچين ۾ مدرسي جا ٻارڙا دستي بم کي رانديڪو سمجهي ان سان راند کيڏي رهيا هئا ته ان دوران بم زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 9 ٻارڙا زخمي ٿي پيا. ڌماڪي بعد زخمين کي مقامي اسپتال وڊهه منتقل ڪيو ويو جڏهن ته 2 شديد زخمي ٻارن کي خضدار منتقل ڪيو پئي ته رستي ۾ هڪ ٻار زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.