گهگهر واسي عرفان زهراڻي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف پنجين ڏينهن به ڌرڻو

ملير (ڊ ر) رحيم يار خان جي عدالت ٻاهران سادا ڪپڙا پهريل ۽ پنجاب پوليس پاران کنڀي گم ڪيل ملير جي گهگهر واسي نوجوان عرفان / زهراڻي جي آزادي جي لاءِ لڳل ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري رهيو. نوجوان جي امڙ، ڀيڻ، وارثن ۽ عزيزن جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کي ٺٽي سان ملائيندڙ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو آهي. ايس ٽي پي ملير جي اڳواڻن شمشاد زهراڻي، راڻو خان زهراڻي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي ترجمان اصغر باغي پاران يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ نوجوان جي ترت بازيابي جو مطالبو ڪيو. ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون جون ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ مظاهرين سان ڳالهيون ناڪام رهيون جڏهن ته وارثن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان موقعي کنڀي گم ڪيل نوجوان جي امڙ جو چوڻ هو ته پٽ کي 8 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيو ويو، رحيم يار خان ٿاڻي تي 10 ڪلو چرس رکڻ جي الزام هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪري ظاهر ڪيو ويو. هن چيو ته  3 مهينا ڪيس هلڻ کانپوءِ عدالت ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عرفان زهراڻي کي باعزت بري ڪيو. نوجوان جي امڙ وڌيڪ چيو ته عدالت جو فيصلو اچڻ کانپوءِ هو جيئن ئي پنهنجي وڪيلن سان گڏ ٻاهر نڪتو ته کيس پوليس اهلڪار ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن بنا ڪنهن ڏوهه جي کنڀي گم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جيستائين عرفان زهراڻي کي آزاد نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻو جار ي رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.