ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند سائٽ سپر هاءِ وي ايسوسيئيشن آف انڊسٽري جي سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان گڏ ايس ايس پي ايسٽ ۽ ٻيا اعليٰ پوليس آفيسر به گڏ هئا. سائٽ سپر هاءِ وي ايسوسيئيشن جي صدر شاهين الياس، نائب صدر سرفراز، سي پي ڪي جي سربراهه مراد سوني ۽ ٻين ميمبرن پوليس چيف جو استقبال ڪيو.ان موقعي تي حددخلين، ٽريفڪ ۽ ٻين مسئلن بابت کيس آگاهه ڪيو ويو، ڪراچي پوليس جي سربراهه فوري طور مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ڪراچي پوليس جي سربراهه خادم حسين رند چيو ته ڏوهارين خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن.پوليس جو گشت ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن جڏهن ته غير قانوني ڌارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اجلاس جي پڄاڻي تي سيٽ سپر هاءِ وي ايسوسيئيشن جي ميمبرن پوليس چيف ۽ ٻين آفيسرن کي بيج، سنڌي ٽوپي ۽ يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.
ڪولمبيا اسرائيلي سفير کي چريو ۽ بي غيرت قرار ڏئي ڇڏيو
بوگوتا ( م ڊ ) ڪولمبيا جي پرڏيهي وزارت اسرائيلي سفير کي چريو ۽ بي غيرت قرار ڏيندي حڪم ڏنو آهي ته هو پنهنجي بيان تي معافي وٺي ۽ ترت سندن ملڪ ڇڏي وڃي. عالمي خابرو اداري موجب ڪولمبيا جي صدر گستاو پيٽرو غزا ۾ اسرائيلي حملن کي ٻي عالمي جنگ ۾ نازين طرفان يهودين تي ٿيندڙ ظلم سان ڀيٽ ڏني. ڪولمبيا جي صدر، غزا کي آشوٽز جو حراستي ڪيمپ ۽ ورارسا يهودي ڳوٺ سان ڀيٽ ڪندي ان وقت بيان ڏنو جڏهن اسرائيلي بچاءَ واري وزير پاران غزا جي ناڪابندي جو اعلان ڪيو ويو هو. صدر گستاو پيٽرو چيو ته ساڳي ڳالهه نازين طرفان به چئي وئي هئي آهي ۽ اها نفرت هڪ نئين هولوڪاسٽ ڏانهن ويندي. جنهن تي ڪولمبيا ۾ اسرائيلي سفير صدر گستاو پيٽرو خلاف جوابي بيان ۾ غير سفارتي ٻولي استعمال ڪئي جنهن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿيا. ڪولمبيا جي پرڏيهي وزير الوارو ليوا اسرائيلي سفير جي بيان کي چرائپ ۽ بي غيرتي قرار ڏنو ۽ کيس حڪم ڏنو ته هو پنهنجي بيان تي معافي وٺي ۽ فوري طور ملڪ ڇڏيوڃي. ياد رهي ته آشوٽز اها ڪئمپ هئي جيڪا ٻي عالمي جنگ دوران نازي هلائي رهي هئي، جڏهن ته وارسا کي يهودين جي بغاوت کانپوءِ جرمن فوج تباهه ڪيو هو.
پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان
لاهور ( م ڊ) پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي اٽو، گيهه، ڪڪڙ، دال ۽ کنڊ سميت ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. خيبرپختونخواهه جي نگران اطلاعات واري وزير بئريسٽر فيروز جمال شاهه ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 12 کان 13 سيڪڙو گهٽتائي جي دعويٰ ڪئي آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنجاب ڪابينا جو خاص اجلاس فيصل آباد ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت نگران وڏي وزير محسن نقوي ڪئي. اجلاس کانپوءِ محسن نقوي چيو ته ڪابينا جو اجلاس تمام سٺو رهيو، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته ٽرانسپورٽرن سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون، ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. محسن نقوي چيو ته ڊيزل گاڏين جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو، پيٽرول بسن جي ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته دال جي اگهن ۾ 20 کان 30 رپيا گهٽتائي ڪئي ويندي، فلور ملز ايسوسيئيشن به اٽي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. پنجاب جي نگران وڏي وزير چيو آهي ته گيهه ايسوسيئشن 15 رپيا في ڪلو گيهه جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي، خيبرپختونخواهه جي نگران اطلاعات واري وزير بئريسٽر فيروز جمال شاهه ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 12 کان 13 سيڪڙو گهٽتائي جي دعويٰ ڪئي آهي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر فيروز جمال چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، هاڻي عوام کي رليف ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي.