شڪارپور ضلعي ۾ قبيلائي ويڙهه وڌيڪ 6 جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون

لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر) شڪارپور ضلعي اندر قبيلائي ويڙهاند بند نه ٿي سگهي,مديجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادري جي  ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان خوني ويڙهه ۾ ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا مارجي ويا. مدئجي ڀرسان جهٻرشيخ ٿاڻي جي حد ۾ ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني چئن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ فائرنگ سبب سمورو علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران جوڻيجا برادري جا 5 ڄڻا گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ نظر محمد جوڻيجو، نياز جوڻيجو ، سبحان جوڻيجو،عبدالڪريم جوڻيجو ۽ شعيب پٽ ڏاڙهون جوڻيجو شامل آهن. جڏهن ته ڪلهوڙا ڌر جو هڪ ڄڻو نادر ڪلھوڙو مارجي ويو، واقعي جي اطلاع باوجود حد جي پوليس ڊي ايس پي تاجوديرو جهلي بند تي بيهي فائرنگ بند ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي فائرنگ بند ٿيڻ کانپوء  پوليس مارجي ويلن جا لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال مدئجي پهچايا.

ٻنهي ڌرين ۾ پراڻو تڪرار آهي، جوابدار پڪڙيا ويندا: ڊي ايس پي

لکي غلام شاهه: واقعي بابت ڊي ايس پي تاجوديرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته ٻنهي ڌرين وچ ۾ جاري پراڻي تڪرار تان واقعو پيش  آيو آهي جنهن ۾ جوڻيجا  ڌر جا 5 ڄڻا مارجي ويا آهن , جڏهن ته ڪلهوڙا ڌر جو پڻ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي، جلد مقتولن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي ,هن وڌيڪ چيو ته مقتولن جا لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايا آهن وڌيڪ ڪارروائي ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪئي ويندي.

20 سال اڳ چوري تان شروع ٿيل تڪرار 40 جانيون ڳڙڪائي ويو

لکي غلام شاھ: جوڻيجا ڪلهوڙا برادرين وچ ۾ 20 سال پهريان چوري معاملي تان خوني تڪرار شروع ٿيو هو جنهن ۾ هن وقت تائين ٻنهي  ڌرين جا عورتن سميت 40 کان مٿي ماڻهو مارجي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن پر جهيڙي کي روڪڻ لاء هن وقت تائين پوليس توڙي هتان جي چونڊيل نمائندن ڪي به اپاء ناهن ورتا,آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

مقتولن جا لاش ڇهن ڪلاڪن تائين پيل رهيا، پوليس ۽ عورتن اسپتال پهچايا

لکي غلام شاھ: جوڻيجا ڪلهوڙا خوني تڪرار تان مارجي ويل 6 ڄڻن جا لاش واقعي جي 6 ڪلاڪن بعد پوليس ۽ وارث عورتن ڌار ڌار تعلقي اسپتال مدئجي پهچايا . جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد پوليس پهري هيٺ وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو,

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.