سنڌ جون زمينون محفوظ ناهن رهيون، پيٽرول اگهه اڃا گهٽايا وڃن: اياز لطيف

حيدرآباد : قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو پنهنجي پريس پڌرائي ڄاڻايو آهي ته قومي عوامي تحريڪ  پاران 25  آڪٽوبر تي سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ، اديب، استاد ۽ قومي فنڪاره مادر سنڌ جيجي زرينه بلوچ جي 18ھين ورسي سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي ۽ 15 نومبر تي نصيرآباد شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي 55 ھين  سالگرھ ۽ محبت سنڌ جلسي عام ڪيو ويندو، جنھن جي صدارت اياز لطيف پليجو ڪندو، ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته نگران حڪومت جي پئٽروليم جون قيمتون گھٽائڻ واري قدم کي ساراھيون ٿا، مھانگائي تمام گھڻي آھي، پئٽرول جي قيمت اڃا گھٽائي وڃي. بجلي ۽ گيس جون قيمت به گھٽايون وڃن. اٽو، کنڊ، ڪوڪنگ آئل سميت کاڌي پيتي جون شيون تمام مھانگيون آھن، اھي سستيون ڪيون وڃن، تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي کان پوءِ ڊي سي، اي سي ۽ مختيار ڪار مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرائين، اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سنڌ جون زمينون محفوظ نه رھيون، ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي، نيشنل ھائي ويز جي ٻنھي پاسن سميت وڏن شھرن ۾ سڀ کان وڌيڪ قبضا ڪيا ويا، سنڌي ماڻھن جي پيرن ھيٺان زمين ڪڍي وئي، استادن ليڊي هيلٿ ورڪرز، آبادگارن کي پنهنجي جائز حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ تي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.