حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ڏينهن جي مناسبت سان ترقي پسند ھائوس تي تقريب ٿي گذري جنهن جي صدارت سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي ڪئي. ورسي کي خطاب ڪندي حيدر شاھاڻي چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد سنڌ جا شهيد آهن. هنن کي شهيد ڪري سنڌ جي شعور کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر قومپرست سياست اڄ به سنڌ ۾ زنده آهي. هن چيو ته تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به سنڌ تي ڌارين يلغارون ڪيون ته سنڌ جي غيرتمند ماڻهن انهن سان همتن ۽ جرئتن سان مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي وطن کي آجپو ڏياريو. هن چيو ته اڄ به سنڌ انتهائي ڏکي صورتحال مان گذري رهي آهي. سنڌ جي معاشي وسيلن تي ڌارين جو قبضو آهي. جاگيردار وڏيرا، مير، پير اسان جا حڪمران آهن. جيڪي ڪرپشن جا بادشاهه، عياش پرست، بدمست، نااهل آهن. جن سنڌ کي معاشي ۽ سياسي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ورسي جي تقريب کي ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ،قادر چنا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.