غزا(م ڊ) غزا ۾ اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جاري آهي، صهيوني فوج جي اسپتال تي تازي حملي ۾ 800 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا،ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، شهيد فلسطينين جو انگ 3500 کان به وڌي ويو،ترڪيه اردو موجب هڪ هزار فلسطيني شهيد ٿيا آهن،جڏهن ته غزا ۾ گڏيل قومن جي اسڪول جي عمارت تي بمباري ۾ 6 فلسطيني شهيد ٿي ويا، فلسطيني حڪومت چيو آهي ته عالمي برادري فوري مداخلت ڪري، خاموشي هاڻي قبول ناهي،سعودي ڪابينا اسرائيلي ڪاررواين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته امن مشن شروع ڪيو وڃي،مصر چيو ته عالمي برادري فوري مداخلت ڪري، هوڏانهن اسرائيلي فوج طرفان اتر غزا جي 10 لک کان وڌيڪ رهواسين کي علائقو خالي ڪرڻ جي الٽيمٽم کانپوءِ هزارين فسلطيني غزا ۽ مصر جي سرحد تي واقع رفح ڪراسنگ تي گڏ ٿي ويا آهن، گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام چيو آهي ته غزا جي پٽي ۾ صورتحال تيزي سان خراب ٿي رهي آهي، دڪانن ۾ صرف چار کان پنج ڏينهن جو کاڌو بچيو آهي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ سندس برطانوي هم منصب جيمز ڪليورلي چيو آهي ته هو رفح ڪراسنگ کي ٻيهر کولڻ لاءِ اسرائيل، مصر ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ٻئي پاسي غزه جي گهرو وزارت ٻڌايو ته خان يونس ۽ رفح ۾ واقع گهرن کي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات اسرائيلي حملن ۾ نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، هوڏانهن اسرائيلي فوج اعلان ڪيو آهي ته بڪتر بند گاڏيون ۽ زميني فوج غزا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار آهن ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزا ۾ شهرين خلاف تشدد ۽ دهشتگردي جي مذمت ۽ جنگ بندي بابت روس جي پيش ڪيل قرارداد رد ڪري ڇڏي. ان موقعي تي فلسطيني نمائندي رياض منصور چيو ته اسرائيل غزا ۾ ڪنهن تي رحم نه ڪيو ۽ هو غزه ۾ قتل عام ڪري رهيو آهي ۽ مارجي ويلن ۾ وڌيڪ عورتون ۽ ٻار آهن.