ڪراچي (رپورٽر) حڪومتي ڪريڪ ڊائون سبب رپئي جو قدر 11 سيڪڙو بهتر ٿيڻ کانپوءِ 28 ڏينهن ۾ پهريون رپيو ڪمزور ٿيو، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي پر اوپن مارڪيٽ ۾ ان جو ريٽ برقرار رهيو. ملڪ ۾ 3 سالن کانپوءِ رپئي جي قدر ۾ واڌ جو 28 ڏينهن ڊگهو تسلسل ڏٺو ويو، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي انٽر مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ ڊالر جو قدر گهٽ رهيو، هڪ موقعي تي ڊالر جو قدر هڪ رپيو 23 پئسا گهٽتائي سان 275 رپين 60 پئسن جي سطح تي اچي ويو . ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا واڌ سان 277 رپين 3 پئسن جي سطح تي بند ٿيو اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر بنا ڪنهن تبديلي جي 277 رپين تي مستحڪم رهيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبارلاءِ هاڪاري ڏينهن رهيو. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن 100 انڊيڪس 601 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي هينڊريڊ انڊيڪس 238 پوائنٽس جي واڌ سان 49731 تي بند ٿي ويو. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪالهه 46 ڪروڙ شيئرز جا سودا 14 ارب رپين ۾ طئي ٿيا. مارڪيٽ سرمائيداري 30 ارب رپين جي اضافي سان 7316 ارب رپيا آهي.