نگران سرڪار جا رابطا، پي ٽي آءِ اڳواڻن شفاف ٽرائل ۽ سياسي آزادي گهري ورتي

اسلام آباد(م ڊ) نگران حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. پي ٽي آءِ جي سينئر مرڪزي اڳواڻ شفقت محمود سان سندس رهائشگاهه تي اطلاعات بابت نگران وزير مرتضيٰ سولنگي ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ صاف،  شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ، سياسي پارٽين لاءِ چونڊن ۾ شرڪت جا برابري جا موقعا ۽ ٻين دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ شفقت محمود چيو ته شفاف چونڊن لاءِ سمورين پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ هڪ جهڙو ماحول ۽ موقعا ڏيڻ جي بنيادي حيثيت حاصل آهي. تحريڪ انصاف کي بنا ڪنهن شڪ جي برابري تي سياسي سرگرمين جو موقعو نه پيو ملي. شفقت محمود چيو ته تحريڪ انصاف کي آئين ۽ قانون جي روشني ۾ چونڊ مهم هلائڻ جي به اجازت نه پئي ڏني وڃي. جڏهن ته ٻين پارٽين کي ملڪ ۾ جلسا، جلوس ڪرڻ جي کليل آزادي مليل آهي. هن چيو ته فيئر ٽرائل ۽ انصاف تائين مڪمل پهچ کي به آزاداڻي ۽ منصفاڻين چونڊن جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ بنيادي اهميت حاصل آهي. شفقت محمود وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف صاف شفاف چونڊن لاءِ هر قسم جي تعاون لاءِ تيار آهي.

صدر سان پي ٽي آءِ وفد جي ملاقات، عمران جو سنيهو پهچايو

اسلام آباد(م ڊ) صدر عارف علوي سان پي ٽي آءِ وفد ملاقات ڪئي آهي، وفد صدر کي عمران خان جو پيغام پهچايو، عمران خان جو صدرکي  چونڊن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو پيغام پهچايو. ذريعن موجب عمير نيازي کي جيل ۾ ملاقات دوران پي ٽي آءِ چيئرمين هدايتون ڏنيون. ذريعن موجب پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن ۽ عمير نيازي صدر سان ملاقات ڪئي، عمران خان پارٽي کي صدر سان رابطو ڪرڻ جو چيو. پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ وفد صدر کي ٻين پارٽين سان ڳالهين جو مشورو ڏنو.

پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ سرگرم

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي ڇڙوڇڙ نالي ماتر قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون جون ڪوششون شروع  ڪيون اهن. نامياري صحافي انصار عباسي جو چوڻ آهي ته علي محمد خان جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي سان رابطو ڪري کيس چيو ويو آهي ته چونڊن کان اڳ اسٽيبلشمينٽ  ۽ سياسي پارٽين سان ڳالهيون شروع ڪرايون وڃن، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته صدر عارف علوي ڪا ڪوشش ڪري ٿو يا نٿو ڪري ڇو ته عارف علوي ماضيءَ  ۾ جيڪي ڪوششون ڪيون انهن کي عمران خان ناڪام بڻايو، هاڻي به سوال آهي ته ڇا عارف علوي ڳالهيون شروع ڪرايون ۽ معاملا طئه ٿيا ته ڇا عمران خان انهن جي پابندي ڪندو. ڇو ته عمران خان بلڪل به اعتماد جوڳو  نه رهيو آهي. نه عارف علوي جو ۽ نه ئي اسٽيبلشمينٽ جو عمران خان تي اعتماد آهي. ان ڪري نظر نٿو اچي ته اسٽيبلشمينٽ 9 مئي جي واقعن کي وساري پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪندي. جڏهن ته عارف علوي جي به ماضيءَ واري حيثيت نه رهي آهي. ان ڪري نٿو لڳي ته عارف علوي اهڙي ڪوشش ڪندو ۽ ڪوشش ڪندو به ته شايد کيس اسٽيبلشمينٽ ڪا موٽ نه ڏيندي.

اختلافن باوجود سياسي پارٽيون هڪ ٻئي لاءِ گنجائش پيدا ڪن: فضل الرحمان

اسلام آباد ( م ڊ ) جعميت علماءَ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سياسي ماحول ۽ جهموريت جي مضبوطي لاءِ سياسي جماعتن کي  تجويز ڏئي ڇڏي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سموريون سياسي ڌريون هڪ ٻئي لاءِ گنجائش پيدا ڪن، وقت اچي ويو آهي سياستدان ۽ سياسي جماعتن بردباري جو مظاهرو ڪن، سياسي گنجائش لازمي آهي. هن چيو ته سياسي منشور، سياسي موقف ڏيڻ سڀني جو حق آهي پر پهرين ترجيح پارليامينٽ جي بالادستي آهي، سياسي ڌريون هڪ ٻئي پاءِ گنجائش پيدا نه ڪنديون ته نقصان سڀني جو ٿيندو. هن زور ڏنو ته آصف علي زرداري ۽ ڀٽو خاندان سان سياسي اختلافن باوجود پراڻا لاڳاپا آهن، اسان هڪٻئي جي خوشي ۽ ڏک ۾ شرڪت ڪندا آهيون، سياسي اختلافن ۽ ڇڪتاڻ سان نه جهموريت مضبوط ٿيندي نه مُلڪي مسئلا حل ٿيندا، سياسي جماعتن جي پاڻ ۾ گنجائش جو فائدو ڪنهن هڪ پارٽي کي نه سمورين سياسي ڌرين کي ٿيندو. جي يو آءِ سربراهه چيو ته سياستدان ڪنهن سان به اختلاف راءِ يا ڌار موقف رکي سگهي ٿو پر کيس سياسي ڇڪتاڻ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، جهموريت جي مضبوطي ضد ۽ هوڏ ۾ نه پر جهموري روين جي مضبوطي ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته افسوس سياستدانن جي ڪري ئي ماضي ۽ حال ۾ جمهوريت خطري ۾ پئجي وئي، سڀني جي ماضي بابت ڄاڻ آهي پر هاڻ جهموريت جي مضبوطي لاءِ سياسي گنجائش واري فارمولي سان اڳتي وڌڻو پوندو.

عمران خان جون اين آر او لاءِ ڪوششون، سياسي جماعتن کي منٿون

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اين آر او وٺڻ چاهي ٿو، آخر ڪهڙو سبب آهي جو تحريڪ انصاف ئي رڳو وفاداريون تبديل ڪري رهي آهي، جنهن ڪارخاني ۾ انهن کي بڻايو ويو ان ڪارخاني جو مالڪ  ئي جيڪڏهن رخ تبديل ڪندو ته پوءِ ايئن ئي ٿيندو،ناليواري اينڪر عاصمه شيرازي چيو آهي ته  سياسي نظريا ائين نه هوندا آهن ته رڳو ٻه ٺونشا کائڻ سان وفاداري تبديل ڪندو،فرخ حبيب پنهنجي دل سان ڳالهايو، هو روپوش ٿيو ۽ پوءِ گرفتار ٿيو، هن ڪالهه جيڪو به ڳالهايو اهو دل سان ڳالهايو، جڏهن هو اقتدار ۾ هو ته ان وقت نه ڳالهايو هو،پي ٽي آءِ وارن جي ڊگهي لسٽ آهي  سياسي مخالفن تي بي بنياد الزام لڳائڻ جي، 9 مئي واقعن کانپوءِ هاڻي پڇتاءُ به آهي ۽ ڌڙا ڌڙ پريس ڪانفرنسون به ٿي رهيون آهن، ان قسم جو پڇتاءُ عمران خان کي به آهي، تصديق  ٿيل ذريعن موجب عمران خان هاڻي چاهي ٿو ته سياسي جماعتون هن لاءِ ڪردار ادا ڪن،سياسي جماعتون هن کي رليف وٺي ڏيارين، اڳ ۾ عمران خان ڳالهين لاءِ نه مڃيندو هو، هو چوندو ته اهي چور ڌاڙيل آهن، انهن ملڪ لٽيو آهي، هاڻي هو پاڻ جيل ۾ آهي،هن چيو ته  مڪافات عمل سڀني کي ياد رکڻ گهرجي، سائفر ڪيس ۾ عمران خان فرد جرم لاءِ ڪاپي وصول ڪري چڪو آهي، عمران خان هاڻي غيرمشروط ڳالهين لاءِ تيار آهي، ڪالهه فضل الرحمان ۽ آصف زرداري وچ ۾ به ملاقات ٿي آهي، عمران خان جي خانداني ذريعن موجب کيس مشورو ڏنو ويو ته هو اڃا به ڇهه ست مهينا جيل ۾ رهي پر عمران خان اها صلاح رد ڪري ڇڏي، هن صدر تي زور ڀريو آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان رابطو ڪري ڳالهين جو عمل شروع ڪري، صدر علوي ان کان اڳ به ڪوششون ڪري چڪو آهي پر کيس ناڪامي نصيب ٿي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.