انوار ڪاڪڙ جي پيوٽن سان ملاقات، توانائي شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهيون

بيجنگ(م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روسي صدر ولادمير پيوٽن وچ ۾ چين ۾ منعقد ٿيندڙ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ملاقات ٿي. بيان موجب روسي صدر نگران وزيراعظم انوارالحق  ڪاڪڙ جو استقبال ڪيو، ٻنهي اڳواڻن علائقائي سهڪار جي فروغ لاءِ خطي ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ مواصلاتي رابطا وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.