ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 39هين ورسي، مزارن تي حاضري،ڀيٽا پيش

ڄامشورو (رپورٽ: صدر جوڻيجو ) ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 39 هين ورسي جي موقعي تي ڄامشورو جي پٿريلي زمين تي دفن ٿيل شهيد انور عباسي ۽ شهيد مٺو بليدي جي مزارن تي جيئي سنڌ هلچل سان لاڳاپيل  مختلف گروپن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ قومي ترانو پيش ڪري کين قومي ڀيٽا پيش ڪئي ساڻن قومي جدوجهد ڪرڻ جو وچن ورجايو. ان سلسلي ۾ جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، ضلعي چيف آرگنائزر سومر خان جمالي، ڊپٽي آرگنائيزر خالق مهراڻ، عابد جمالي، غلام سرور ابڙو، علي بخش ڪابورو، خليل جبران جي اڳواڻي ۾ حاضري ڀري گلن جي جي ورکا ڪئي وئي. جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) پاران مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنا،جساف اڳواڻن اسد سنڌ يار، مرتضي’ آريسر، علي عمراڻي، علي رضا لاشاري، راشد ڪلهوڙو، شفي ساريو پاران شهيد مٺو بليدي ۽ شهيد انور عباسي جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي قومي ترانو پڙهي پيٽا پيش ڪئي وئي. هوڏانهن ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ورسي تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو، جسقم حيدرآباد اڳواڻ لياقت ملاح، حمزہ علي چانڊيو، ماما حسن بروهي، انيل حب علي، سيري يونٽ اڳواڻ موسا حاجاڻو، شھاب اگھيم، فيضان ھاليپوٽو، بابر راڄڙ، شاھد خان، ذاڪر خان، صحافي وقار حسباڻي، فرحان منڱريو، صوفي شاھجھان ملاح جي اڳواڻي ۾ شھيد انور عباسي، شھيد مٺو بليدي ۽ شھيد سميع الله ڪلهوڙو جي مزارن تي پھچي گلن جي چادر چاڙهي قومي تراني سان ڀيٽا ڏني وئي،جيئي سنڌ قومپرست پارٽي طرفان جيئي سنڌ جسقپ جي ڪارڪنن پارٽي وائيس چيئرمين دودوديشي، انور ڀٽي، بشير جمالي ۽ ٻين حاضري ڀري، جڏهن ته جيئي سنڌ تحريڪ طرفان جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن پارٽي چيئرمين سورھيه سنڌي، انور بڙدي، بشير بروهي سنڌ سڄاڳي فورم جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ محب آزاد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي جي صورت ۾ جيئي شاھ قبرستان ۾ شهيد انور عباسي سنڌ يونيورسٽي گيراج وٽ قبرستان ۾ شهيد مٺو بليدي جي مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي. جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ ڄامشورو طرفان منير بگٽي, شعيب باغي ۽ اياز ڏاھاڻي جي اڳواڻي ۾ شھيدن جي مزارن تي حاضري ڀري،جڏهن ته شھيدن جي مزارن تي جسقم اڳواڻن چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد سنڌ جي قومي تحريڪ جا سرموڙ شهيد آهن جن ساھ ڏنو پر سنڌ جي آجپي واري تحريڪ تان هٿ نه کنيو. هنن چيو ته رياستي ڏاڍ ۽ جبر باوجود سيد جو فڪر ۽ سنڌ جي آزادي جا پروانا اوچي ڳاٽ آهن. هن چيو ته موجوده وقت ۾ سنڌ خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.