ڪراچي ۾ اڳوڻي آءِ جي جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر اهلڪار قتل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي سهراب ڳوٺ واري علائقي عثمانيه سوسائٽي ۾ اڳوڻي آءِ جي بلوچستان مير زبير جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر اهلڪار کي ڦورن مبينا طور گهر جي کڙڪي مان فائرنگ ڪري قتل  ڪري ڇڏيو، مقتول 5 ڌيئرن جو پيءُ هو ۽ 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد کان ڪراچي آيو هو. پوليس ترجمان موجب 40 ورهين جو محمد قاسم سنڌ پوليس جي سڪيورٽي زون 2 ۾ مقرر هو. مقتول جي ڀاءُ محمد اعظم ٻڌايو ته  مقتول 4 ڀينرن ۾ ٻيو نمبر هو، جڏهن ته سندس زال ۽ ٻارڙا دنيا پور پنجاب ۾ رهندا آهن. وارثن موجب واقعي وقت قاسم ڊرائنگ روم ۾ سمهي رهيو هو فائرنگ جو آواز ٻڌڻ بعد مقتول جي ماءُ ڏٺو ته محمد قاسم جي جسم مان رت وهي رهيو هو، جنهن تي هن دانهون ڪيون.پوليس واقعي واري هنڌ تان گوليون هٿ ڪري ورتيون. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.