ڌارين کي بي دخل ڪرڻ جي نالي تي ڪاروبار ٿي رهيو آهي: صنعان قريشي

ٺٽو(ڊ ر) ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شھيدن جي ڏھاڙي جي موقعي تي جسقم اڳواڻن ٺٽي ڀرسان پير پٺو قبرستان پهچي ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شھيد  عبدالمالڪ خشڪ جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙھي ۽ دعا گهري. جسقم چيئرمين صنعان قريشي، جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، جسقم جي مرڪزي چيئرمين سرور خشڪ، جسقم ضلعي ٺٽي جي صدر بابو خشڪ ۽ ٻين شھيد عبدالمالڪ خشڪ جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙھي سلامي پيش ڪئي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ لٿل آھي انتظاميه کين بيدخل ڪرڻ جي نالي تي ڪاروبار ڪري رهي آھي، سُپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ نگران وفاقي سرڪار جي هدايتن جي ابتڙ پوليس غير قانوني افغانين ۽ پرڏيهين کي گرفتار ڪري پئسن تي آزاد ڪري رهي آھي حڪومت کين سنڌ مان نيڪالي ڏيارڻ لاءِ سنجيده نظر نه پئي اچي، ھن چيو ته سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري واٽ تي هلندي جدوجهد ڪري رهيا آھيون ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شھيدن کي سڄي سنڌ اڄ ياد ڪري کين خراج پيش ڪري رهي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.