ڪراچي پوليس جا مبينا مقابلا، 2 ڦورو مارجي ويا، 4 گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس مختلف علائقن ۾ مبينا مقابلان دوران ٻن ڦورن جي مارجڻ ۽ 4 ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي  دعويٰ ڪئي آهي. الطاف نگر اورنگي ٽائون ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو. مقابلي جي نتيجي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا فرار ٿي ويا. ايس ايڇ او پاڪستان بازار شڪيل رند موجب پوليس ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 ڄڻن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته ڏوهارين پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني. جوابي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته 2 ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن وٽان 2 پستول، هڪ موٽرسائيڪل، 2 موبائيل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي. ٻي پاسي جمشيد ڪوارٽر پوليس ٽين هٽي نوري شاهه مزار وٽ مبينا مقابلي بعد 2 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ 25 ورهين جي رابرٽ مسيح 24 سالن جي نيرسن مسيح طور ٿي آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان هڪ پستول، موبائل فون، ڪجهه روڪ رقم ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. هوڏانهن پي آءِ بي ڪالوني پوليس حسن اسڪوائر يونيورسٽي روڊ تي مبينا مقابلي بعد 2 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي، جوابدارن جي سڃاڻپ ڪامران ولد زين الله ۽ ڪرامت مسيح ولد سندر مسيح طور ٿي آهي،گرفتار جوابدارن کان 2 پستول 6 موبائل فونز روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.