عمرڪوٽ ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڏيئا ٻاري ڀيٽا

عمرڪوٽ(ڊ ر ) سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن عمرڪوٽ پاران ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب عمرڪوٽ  آڏو شھيدن جي تصويرن آڏو ڏيئا روشن ڪيا ويا، ان موقعي تي لال حسين مڱريو، فيصل ھڱورجو، گل بجير ۽ ٻين چيو ته ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن جي قرباني قومپرست سياست ۾ ساھ ڦوڪيو، شھيدن جي قرباني کانپوءِ سنڌي ماڻھن جو قومپرست سياست ڏانھن لاڙو وڌيو، شھيد شاگردن ضيائي آمريت ۾ سنڌ جو نانءُ وٺي پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي تاريخ ۾ امر بڻجي ويا، اسان شھيدن جي عظمت کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا، ھنن وڌيڪ چيو ته اڄ جي شاگردن کي شھيدن جي راھ تي ھلندي تعليم سان گڏ ڌرتي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گھرجي، ان موقعي تي مير معشوق پلي، فياض دراوڙ، عاشق پلي ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.