اسلام ڪوٽ ۾ اي سي جا ڇاپا، ڏنڊ لڳڻ تي واپارين شهر بند ڪرائي ڇڏيو، شهرين جو ڌرڻو

اسلام ڪوٽ (رپورٽ: غازي بجير) اسلام ڪوٽ ۾ اي سي جا دڪانن تي ڇاپا،ڏنڊ هڻڻ خلاف واپارين شهر بند ڪرائي ڇڏيو،عوام طرفان اي سي جي حمايت ۾ ۽ مهانگائي خلاف ڌرڻو، اسلام ڪوٽ ۾ تيل جي اگهن  ۾ لاٿ باوجود مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿيڻ خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر نعيم شريف چانڊيو شهر جو دور ڪري دڪانن تي ڇاپا هڻي ريٽ لسٽون لڳائڻ جي هدايت ڪئي، هڪ کنڊ جي دڪان کي به سيل ڪيو ويو، اي سي جي ڪاروائي بعد واپاري گڏجي ويا، واپارين ڏنڊ هڻڻ خلاف شهر بند ڪرائي ڇڏيو، جنهن بعد اڌ شهر بند ٿي ويو، واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي ٻُڌايو ته اي سي شهر ۾ دڪانن تي ڏنڊ هڻي وصول ٿيندڙ رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ بدران پنهنجي ذاتي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ٿو، ڏنڊ هنيل 75 هزارن مان اي سي صرف 20 هزار جمع ڪرايا آهن ٻيا هڙپ ڪري ويو آهي، اسان جو احتجاج اي سي جي ڪرپشن خلاف آهي باقي منعافي خورن خلاف ڪاروائي جي اسان حق ۾ آهيون، اسسٽنٽ ڪمشنر نعيم شريف ٻُڌايو ته تيل جي قيمتن ۾ رڪارڊ گهٽتائي باوجود مارڪيٽ ۾ اگھه گهٽ ناهن ٿيا، واپاري تعاون ڪرڻ بدران اسان کي ڪم ڪرڻ نه ٿا ڏين، ڏنڊ واري رقم هڙپ ڪرڻ جا الزام ڪوڙا ۽ بليڪ ميلنگ تي ٻڌل آهن، اسان هر صورت ۾ ڪاروايون ڪري عوام کي مڪمل طور رليف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ٻئي پاسي شهرين ۽ ڳوٺاڻن طرفان اي سي جي حمايت ۽ واپارين جي هڪ هٽي خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو، شهرين الهبچايو وڪيو، جعفر وڪيو،روشن گرناڻي،جمعن جوڻيجو، اسماعيل سميجو ۽ ٻين چيو ته اي سي پاران منعافي خورن خلاف ڪيل ڪاررواين جي آجيان ڪيون ٿا، هتان دڪاندار غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهيا آهن، تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود ڪنهن به شئر جي اگهن ۾ گهٽتائي ناهي آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.