سائفر ڪيس: عمران ۽ شاهه محمود تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

راولپنڊي ( م ڊ ) سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، خاص عدالت  فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ايندڙ هفتي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.سائفر ڪيس جي اڱاري ڏينهن ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. گذريل ٻڌڻي تي چالان جون ڪاپيون پيش نه ٿيڻ سبب فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، اڄوڪي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي چالان جو ڪاپيون ڏنيون ويون. عدالت جيل ٽرائل خلاف شاهه محمود قريشي جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.