ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ تقريبون

ٺٽو(ڊ ر) ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شھيدن جي ياد ۾ قومپرست پارٽين پاران تقريبون منعقد ڪيون ويون، قومي ھيروز جي مزارن تي حاضريون، جيئي  سنڌ تحريڪ(ڪرناڻي) جي چيئرمين سورھيه سنڌي، جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي ڀاءُ حاجي انور ڪرناڻي، جسقم آريسر جي سينيئر وائيس چيئرمين اسماعيل نوتڪاڻي، اشرف بهليم، جيئي سنڌ تحريڪ جي ڊپٽي سيڪريٽري راول ڪرناڻي، سهيل ڪلوڙ توڙي ڦاٽڪ ڪيس جي اسير سڪندر ميراڻي، جسقم اڳواڻ محمد خان شورو، سنڌ سڄاڳي فورم جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ محب آزاد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پير پٺو ڀرسان شهيد مالڪ خشڪ جي مزار تي حاضري ڀري، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي طرفان ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 39هين ورسي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، جيئي سنڌ جسقپ جي ڪارڪنن پارٽي وائيس چيئرمين دودو ديشي، انور ڀٽي، بشير جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قبرستان ۾ شهيد امان الله وسطڙو، سنڌ يونيورسٽي گيراج وٽ قبرستان ۾ شهيد مٺو بليدي جي مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي، ڪامريڊ دودو ديشي چيو ته ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد سنڌ جي قومي تحريڪ جا سرموڙ شهيد آهن جن ساھ ڏنو پر سنڌ جي آزادي واري تحريڪ تان هٿ نه کنيو، هن چيو ته زندھ قومون شهيدن کي ناهن وسارينديون. هن چيو ته رياستي ڏاڍ ۽ جبر باوجود سيد جو فڪر ۽ سنڌ جي آزادي جا پروانا اوچي ڳاٽ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.