ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج ۽ اختيارين جي خاموشي

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سياسي سماجي ڌرين غيرملڪين جي سنڌ مان نيڪالي لاءِ ريليون ڪڊي احتجاج ڪيو.ھنن جو چوڻ ھو تھ حڪومت غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ جي لاءِ سکڻا اعلان ڪري ان مان ڪو سياسي فائدو حاصل ڪرڻ چاھي ٿي پر عملي طور ان بابت اثرائتا قدم کڻڻ ۾ سستي جو مظاھرو ڪري رھي آھي.

ڪراچي حيدرآباد ۽ بدين ۾ عوامي تحريڪ،جيئي سنڌ محاذ،جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ ٻين تنظمين پاران احتجاجي مظاھرا ڪري ريليون ڪڍيون ويون.جنھن ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي،جيڪي سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪري رھيا ھئا.

سنڌ ۾ ڪافي وقت کان سياسي جماعتن پاران غيرملڪين کي سنڌ مان نيڪالي جي لاءِ احتجاج ٿي رھيو آھي.جنھن ۾ سنڌ جي ماڻھن ۽ سياسي ڌرين جو چوڻ آھي تھ ھڪ منظم ڪوشش سان سنڌ ۾ پرڏيھين توڻي ڌارين کي آباد ڪرڻ سان سنڌ جي وسيلن تي بار پئجي رھيو آھي ۽ سنڌ جي ڊيموگرافي خطري ۾ اچي وئي آھي.

نگران حڪومت تازو ڪجھھ وقت اڳ ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ھو ان بابت شروع ۾ ڪجھ تحرڪ بھ ورتو پر ھاڻي وري ان پاسي ڪو ڌيان نھ پيو ڏنو وڃي،جنھن ڪري اھو سمجھيو پيو وڃي تھ حڪومت اھڙي فيصلي تان ھٿ کڻي وئي آھي.جيتوڻيڪ سرڪاري سطح تي ڪا اھڙي وضاحت سامھون نھ آئي آھي پر عملي طور تي اھو نظر نھ اچڻ ڪري اھو خيال پيدا ٿي رھيو آھي.

سنڌ ۾ ھميشھ کان ڌارين ۽ غيرملڪين کي آباد ڪرڻ جون ڪئين رٿون رٿيون ويون آھن،جن تي وقت بوقت عمل ٿيندو رھيو آھي،جنھن سان سنڌ جي ماڻھن جي ھر قسم جي وسيلن تي بار پوڻ ڪري ان خلاف ڳچ وقت کان احتجاج ٿي رھيا آھن.سنڌ جي عام ماڻھون جو اھو خيال آھي تھ ڌرارين جي سنڌ ۾ آبادي سان سنڌ جو اصل ڌرتيءِ ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿي رھيو آھي.جنھن ڪري سنڌ جو ماڻھون ان معاملي تي وڌيڪ حساس ٿي ويو آھي.

سنڌ ۾ اھڙي عمل جي نتيجي ۾ سنڌ جي پاڻي ناڻي توڙي سنڌ جي روزگار تي بار پئجي رھيوآھي.نگران حڪومت تھ ڪجهھ وقت اڳ اھو بھ چيو ھو تھ ڌارن يعني غيرملڪين جي ڏوھن ۽ سنگين ڏوھن ۾ ملوث ھئڻ جا ثبوت بھ آھن.جڏھن تھ گھڻو اڳ عدالت ڪراچي ”بدامني ڪيس “ ۾ پڻ اھو چيو ھو تھ ڪراچي ۾ ڏوھي سرگرمين ۾ غيرملڪي ملوث آھن.عدليھ ان سلسلي ۾ حڪومت جي اختيارين کي سڌي ريت ڪارراوئي جو بھ حڪم ڏنو ھو.پر اڪثر عدالتي فيصلن جيان ھي فيصلو پڻ سياست جي نذر ٿي ويو ھو.

حڪومت کي بنا ڪنھن دير جي سنڌ مان غيرملڪن کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي تي اثرائتي نموني عمل ڪرڻ گھرجي، جيئن وسيلن ۽ روزگار تي پوندڙ بار گھٽجي سگھي.

سنڌ خاص ڪري ڪراچيءِ شھر ۾ ھڪ وقت کان غيرملڪين جا مضبوط علائقا آھن،جتي جا رھندڙ اھي غيرملڪي ڪنھن بھ قانون کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي.جنھن جو سموري سماج تي ناڪاري اثر پوي ٿو.ان ڪري ھن حساس معاملي ڏانھن گھربل ڌيان ڏئي ڪري ڌارين کي مڪمل نيڪالي ڏني وڃي.

پيٽرول سستي ٿيڻ سان عام ماڻھوءَ تي ڪو  فرق پوندو ؟

جيتوڻيڪ نگران حڪومت پاران پيٽرول ۽ڊيزل جي اگھن ۾ ڪيل گھٽتائي ان لحاظ سان ڪو وڏو رليف ناھي پر تنھن ھوندي بھ اھڙو اعلان عام ماڻھو جي لاءِ ھڪ خوشي جي خبر آھي. عام ماڻھون ھن وقت مھانگائي جي جنھن ڌٻڻ ۾ ڦاٿو پيو آھي ان کي” اٽي ۾ لوڻ“ برابر رليف تي گڏيل سڏيل ردعمل سامھون آيو آھي.

بدقسمتي ھي آھي تھ ڪنھن بھ شعبي ۾ حڪومت جي رٽ نھ ھئڻ ڪري اھڙي رليف جو مڪمل فائدو عوام کي نٿو ملي سگھي.جيئن پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن وڌائڻ سان ٽرانسپوٽرز ھٿ سان ڀاڙن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو ھو.جنھن ڪري عام واھپي جي ھر شيءَ جي اگھ تي فرق ٿيڻ لازمي ڳالھھ ھئي پر ان تي حڪومت ڪنھن بھ طرح جو ڪو ردعمل نھ ڏنو ھو.ڇا ھن وقت جڏھن حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن کي گھٽايو آھي تڏھن حڪومت جون اختياريون انھن ٽرانسپورٽرز کي ڀاڙن گھٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪا ڪارراوئي ڪندي يا اھو مسئلو عام ماڻھون جو آھي ان ڪري اھو پاڻ ڄاڻي ؟

ڀاڙن وڌڻ ڪري ھر اسم جي ھڪ کان ٻئي ھنڌ پھچڻ جي لاءِ پڻ ان جي قيمت ۾ ڀاڙو شامل ڪري ان جي قيمت کي وڌايو ويو ھو، ڇا بھتر نھ ٿيندو تھ حڪومت جا لاڳاپيل ادارا ان سلسلي ۾ ڪو جوڳو قدم کڻن جئين جن اسمن جون قيمتون وڌايون ويون ھيون انھن کي گھٽ ڪرايو وڃي ؟مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي تھ حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل ادارا اھڙي ھر ڪم کان لاتعلق ٿي وڃن ٿا جنھن ڪري اھڙي ڪنھن اھم اسم جي اگھھ ۾ ٿيل گھٽتائي جو عوام جي زندگيءِ تي  مجموعي طور تي ڪو گھڻو فرق نٿو پوي.

حڪومت ۽ عوام  وچ  ۾ ان وڇوٽي جي ڪري جھڙي ريت حڪومت عوام کان لاتعلق ٿي وئي آھي بلڪل اھڙي نموني عام ماڻھون بھ حڪومت کان لاپرواھ ٿيل آھي، اھو ئي سبب آھي جو عوام ھر دور ۾ پاڻ کي اڪيلو  محسوس ڪري ٿو.ھاڻوڪي نگران وفاقي سرڪار پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.جنھن موجب پيٽرول 40 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 15ر پيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.ان بابت لڳاپيل کاتي اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول جي في ليٽر قيمت 283 رپيا 38 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو نئون اگهه 303 رپيا 18 پئسا ٿي ويو آهي.

اسان جي گذارش ھيءَ آھي تھ حڪومت اھڙي ڪا حڪمت عملي جوڙي جنھن سان پيٽروليم مصنوعات ۾ ٿيندڙ فرق کي باقاعدگيءَ سان چيڪ ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ عوام سان ٿيندڙ زيادتيءَ کي ختم ڪرائڻ جو فرض پڻ حڪومت پورو ڪري جئين ان مان عام ماڻھون جي مجموعي حياتيءَ تي مثبت اثر ظاھر ٿئي ۽ عوام جو حڪومت سان ڪو تعلق جڙي ۽ ماڻھوءَ اھو محسوس ڪن ٿا سرڪار انھن جي بھ ٻڌي ٿي.واضح رهي ته حڪومت هر 15 ڏينهن  کانپوءِ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن جو تعين ڪندي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.