ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس ذوالفقار خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ گٽڪي ماووا سميت ٻيون صحت لاءِ هاڃيڪار شين جي وڪري خلاف پوليس طرفان ڪارراوين کان تنگ اچي هول سيلرز ۽ ريٽيلرز عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي، عدالت سنڌ حڪومت ۽ پوليس عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، درخواستگذارن جي وڪيل ايڊووڪيٽ حسيب جمالي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت قانون گٽڪي ۽ ماوا وڪرو ڪندڙن خلاف ٺاهيو پر پوليس قانون جو مذاق اڏايو آهي، هول سيلرز ۽ ريٽيلرز چاليه نه پيا ٺاهين، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته انهن سڀني کي ملائي هي ماوا ۽ گٽڪو ٺاهيو ويندو آهي، عدالت سنڌ سرڪار ۽ پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.