ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن سان تاريخ ضرور انصاف ڪندي، صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته شهيد قومن جا پير هوندا آهن شهيدن رستن تي هلي قومون سجاڳي ۽ منزل  ماڻينديون آهن، اڄ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جو ڏهاڙو  آهي جيڪو قومي جذبي ۽ جوش سان ملهايو ويندو، هن چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي، شهيدن جي رت سان تاريخ ضرور انصاف ڪندي، جڏهن ته جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اڄ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ٽوڙهي جي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري شھيدن کي قومي سلام پيش ڪندو، جڏهن ته ڄامشورو ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي مزارن تي جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ،سومرو خان جمالي جي اڳواڻي ۾ شهيد انور عباسي، مٺو بليدي جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي شهيدن کي قومي سلامي پيش ڪئي ويندي. .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.