پي ٽي آءِ چيئرمين جي هڪ ٻن ڏينهن ۾ ضمانت ٿي ويندي: وڪيل

اسلام آباد ( م ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل بئريسٽر  سلمان صفدر اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي هڪ ٻن ڏينهن ۾ ضمانت ٿي ويندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان صفدر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي دليل مڪمل ٿي ويا آهن، اميد آهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ ضمانت ٿي ويندي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل وڌيڪ چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي هن ڪيس ۾ پرڏيهي وزارت فريادي ناهي، سائفر نه موت جي سزا جو ڪيس آهي ۽ نه ئي وري عمر قيد جو ڪيس آهي. هن چيو ته سائفر جو معاملو ڪابينا، ٻه ڀيرا سڪيورٽي ڪميٽي ۽ سپريم ڪورٽ آڏو رکيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.