شهدادڪوٽ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي ) شھدادڪوٽ ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو قتل ۽ ٻيو مرڻينگ ٿي پيو، ھٿياربند فرار ٿي ويا، فائرنگ جي آواز تي آس پاس جي ڳوٺاڻن پھچي مقتول ۽ زخمي کي شھدادڪوٽ تعلقه اسپتال کڻائي آندو جتي مقتول جي سڃاڻپ  ڳوٺ لاھوري ڪوٽ واسي سونو خان مگسي ۽ زخمي جي قربان مگسي طور ٿي، زخمي قربان مگسي صحافين کي ٻڌايو ته ھو رڪشا ۾ ڳوٺ اچي رھيا ھئا ته رستي ۾ ڦر جي ارادي سان بيٺل موٽر سائيڪل سوار ٽن ھٿياربندن بيھڻ جو اشارو ڪيو اسان جي نه بيھڻ تي انهن سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن ۾ سونو خان مگسي قتل ٿي ويو، واقعي بعد ھٿياربند ساڳئي موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿي وي، پوليس ھٿياربندن پويا وئي پر هٿياربندن جو پتو نه پيو، مقتول جي وارثن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.