غير قانوني پرڏيهين جو رڪارڊ تيار ڪيو وڃي : گهرو کاتو

ڪراچي  ( رپورٽر) پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي نيڪالي جو سلسلو جاري آهي، غير ملڪين کي حڪومت طرفان ڏنل ڊيڊ  لائين ۾ صرف 14 ڏينهن رهجي ويا آهن. افغاني شهرين توڙي ٻين پرڏيهن خلاف سنڌ حڪومت به متحرڪ ٿي  وئي آهي. گهرو کاتي پاران سنڌ جي ڪشمنرز کي خط لکيو ويو آهي. خط ۾  چيو ويو آهي ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جو  ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي رڪارڊ تيار ڪيو  وڃي ۽ پرڏيهي شهرين کي واپس موڪلڻ لاءِ انتظامن  کي آخري شڪل ڏني وڃي. خط موجب پرڏيهين لاءِ ڪراچي ۽ سکر ۾ اسيمبلي پوائنٽس ٺاهيا وڃن، افغانين کي واپس موڪلڻ لاءِ چمن تائين بس سروس جو انتظام ڪيو وڃي. اسيمبلي پوانئٽس، ٽرانسپورٽ ۽ سيڪيورٽي  جي مد ۾ ڪيترو  بجيٽ گهربل هوندو. ان جو ڪاٿو لڳايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.