مون سميت اسان سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي: گورنر سنڌ

ڪراچي (رپورٽر ) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري شهيد ملت خان لياقت علي خان جي 72هين  ورسي جي موقعي تي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ دعا پڻ ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته اڄ شهيد ملت  لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي نئين عزم سان گڏ حاضر ٿيا آهيون، شهيد ملت قائدآعظم سان ڪلهو ڪلهي هن قيام پاڪستان لاءِ ڪوششون ڪيون، پر ملڪ جي دشمنن پاڪستان جي قيام جي چئن سالن اندر ئي کيس شهيد ڪري ڇڏيو، شهيد ملت وطن سان محبت ڪندي شهيد ٿي ويو، اسان هن جي بيانن ۽ خيالن تي به عمل ڪيون ها ته ملڪ اڳتي وڌي وڃي ها، سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان جي تاريخ شهيدن جي رت سان ڀريل آهي، اسان شهيدن جي قربانين مان اهو نه سکي سگهيا، جيڪو اسان کي سکڻ گهرجي ها، اڄ اسان فلسطين جي ٻارن لاءِ روئي رهيا آهيون، اهڙي طرح آواز نه اٿاري رهيا آهيون، جئين اٿارڻ گهرجي، عزرائيل جيڪو فلسطين تي ظلم ڪري رهيو آهي، ميڊيا تي به نه ڏيکاري رهيا آهيون، مون سميت اسان سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي، قومي احتساب ڪميشن بڻائڻ گهرجي، اسان کي وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا، ڪڏهن تائين هڪ يا ٻن بلين ڊالرن جي لاءِ عالمي ادارن اڳيان هٿ ڦيلائينداسين، اسان جي فوجي قيادت اميد جي روشني آهي، جيئن سرحد تي دهشتگردي سان وڙهي رهي آهي، معاشي دهشتگردي سان به مقابلو ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري اسٽاڪ ايڪسچينج مٿي سطح تي پهچي وئي آهي، گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي، مان خليجي ملڪن جي دوستن جو شڪر گذار آهيان جيڪي ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ اچي رهيا آهن.

ڪراچي ۾ سزا طور جاچ پوليس آفيسر عدالت ٻاهران پوچو لڳايو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي  جي جڊيشل ماجسٽريٽ جي عدالت جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر  سهيل ۽ سب انسپيڪٽر الياس شاهه کي طلب ڪري هٿڪڙيون هڻايون، عدالت جي پوليس آفيسرن کي سزا، هڪ کي هٿڪڙي ته ٻئي کان پوچو لڳرايو ويو، ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت جي حوالي سان هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ وردي پهريل  پوليس آفيسر عدالت ۾ پوچو لڳائي رهيو آهي، جڏهن ته ٻئي پوليس آفيسر کي هٿڪڙي لڳل آهي، سرجاڻي ٽائون پوليس موجب هي واقعو 24 ۽ 27 جولاءِ 2023 تي عدالت ۾ پيشي سان لاڳايپ آهي، جڏهن سرجاڻي ٽائون جي جاچ شعبي جي انچارج سڀ انسپيڪٽر طارق محمود جوڊيشل مئجسٽريٽ اينڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ٿيا، مئجسٽريٽ عدالتي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي الزام ۾ ٻه ڏينهن قيد جي سزا کانسواءِ ايس آءِ او کي هٿڪڙي لڳائي عدالت مان روانو ڪيو ويو ۽ چڪر لڳايا ويا. سرجاڻي ٽائون جي جاچ جي انچارج ۽ هڪ جاچ آفيسر کي انوکي سزائون ڏنيون ويون، پوليس موجب جوڊيشل مئجسٽريٽ سرجاڻي ٽائون ٿاڻي جي ئي  سب انسپيڪٽر سهيل احمد کي گرفتار ڪري ست ڏينهن جي سزا ٻڌائي، پوليس آفيسر کان عدالت ۾ پوچو ڏياريو ۽ پوءِ ضمانت به نه ملي، سب انسپيڪٽر عدالت مان ست ڏينهن بعد آزاد ٿيو، ٻيو سب انسپيڪٽر الياس شاهه کي هٿڪڙي لڳائي 7 ڏينهن جي لاءِ جيل ۾ قيد جي سزا ملي، نالو نه ٻڌائيندڙ هڪ اعليٰ آفيسر ٻڌايو ته عدالت طرفان اهڙي طرح جو سلوڪ عام ٿي ويو آهي، عدالت عام ڳالهه تي پوليس آفيسرن کي هٿڪڙي هڻائيندي آهي.

پيٽرول اگهن ۾ لاٿ جو عوام کي فائدو ڏنو وڃي: جماعت اسلامي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين  محنتي پيٽرول ۽ ڊالر جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو ٽرانسپورٽ ڀاڙن، اٽي، دال، کنڊ سميت عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي حقيقي فائدو پهچائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڊالر 335 کان 275 ۽ پيٽرول 333 کان 283 رپين تي پهچڻ کانپوءِ هٿراڌو مهانگائي، ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي ڪرڻ وارن واپارين ۽ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري پرائس ڪنٽرول ڪميٽين کي فعال بڻايو وڃي، پنهنجي بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي جي ڪري هر ماڻهو پريشان آهي، مهانگائي عالمي مسئلو واري ڳالهه کي تسليم ڪجي تڏهن به پاڪستان ۾ هٿرادو مهانگائي ۽ پنهنجي پسند جا اگهه مقرر ڪري روزاني واهپي وارين شين جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ٿو وڃي، روزاني استعمال وارين شين ۽ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي نه ٿيڻ ڪري عوام حقيقي رليف کان محروم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.