ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 40 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ سنڌ جي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي سوين اميدوارن 2021ع کان هلندڙ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ڀرتين واري عمل تي بندش هڻڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، اڳواڻي ارباب علي آريجو، شائسته بلوچ، انيتا خان، عمران جوڻيجو، ذيشان ڪليري، ڪليم الله ڀيو، شازيا طفيل، سرفراز سھاڳ، آصف رند، طاھر سومرو، فريد جروار، ماجد ڏاھري، اظھر علي مھر، اختر ٿيٻو، انيس سومرو، زمان کھڙو، توصيف سومرو، ديدار منگي، سراج ڪيريو، ڪرشن ڄمار ڏيپلائي، محسن سومرو، عبدالماجد ملاح ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ڌرڻي ۾ڪراچي، حيدرآباد، سکر، خيرپور ميرس، ڪشمور، ٺٽو، سجاول، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، قمبر شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، سانگھڙ، مٺي، عمرڪوٽ، بدين، مٽياري، ٽنڊو الھيار، ڄامشورو، دادو ۽ ٻين ضلعن جي اميدوارن شرڪت ڪئي، مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪراچي پريس ڪلب سامھون سڄي سنڌ جا ھزارين پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوار احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويٺل آهن ۽ جيڪڏهن ڀرتي واري عمل تي بنا جواز لڳايل بندش کي ختم نه ڪيو ويو ته لائحه عمل جوڙي هزارين پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوار وزيراعليٰ هائوس اڳيان احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. ھنن چيو ته تعليم کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري اڪبر لغاري بنا جواز 2021ع کان پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتي واري عمل تي آگسٽ واري مھيني ۾ بندش هڻي ڇڏي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ نوڪرين تي بندش واري ڪيس ۾ عدالت رمارڪس به ڏئي چڪو آھي ته اسان پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتي تي بندش ناھي لڳائي، پر تنھن ھوندي به نگران سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتي وارو عمل بند ڪري رکيو آھي، تعليم کاتي استادن جي ڀرتي واري پراسيس کي شروع ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ته اسان وزيراعلي هائوس اڳيان ڌرڻو ھڻڻ تي مجبور ٿي وينداسين.