اسلام آباد (م ڊ) حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل تي ٽيڪس ۽ مارجن وڌائي ڇڏيو. دستاويز موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي ۾ 5 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ليوي جي شرح 50 رپين مان وڌائي 55 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي. پيٽرول تي ليوي جي شرح 60 رپيا في ليٽر تي برقرار آهي. پيٽرول تي او ايم سي مارجن ۾ 47 پئسا واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ پيٽرول تي في ليٽر مارجن 7.41 رپيا مقرر ڪيو ويو. دستاويز موجب پيٽرول تي ڊيلر مارجن به 41 پئسا وڌايو ويو، واڌ کانپوءِ ڊيلر مارجن 8 رپيا 23 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي. واضح رهي ته او ايم سي ۽ ڊيلرز مارجن 16 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر تي به وڌايو ويو هو.هوڏانهن نگران حڪومت ڊيزل تي لاڳو ليوي ۾ 5 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي، ان حوالي سان اوگرا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو آهي.ڊيزل تي ليوي جي شرح 55 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول تي ليوي جي شرح 60 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي جي شرح آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل شرطن تي وڌائي پئي وڃي.