ملير (ڊ ر) رحيم يار خان جي عدالت ٻاهران پوليس اهلڪارن پاران کنڀي گم ڪيل ملير جي گهگهر واسي نوجوان عرفان زهراڻي جي وارثن پاران گهگهر ڦاٽڪ قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري، رحيم يار خان جي عدالت ٻاهران ساده ڪپڙا پهريل ۽ پنجاب پوليس پاران کنڀي گم ڪيل ملير جي گهگهر واسي نوجوان عرفان زهراڻي جي آزادي جي لاءِ سندس وارثن عزيزن جو سندس امڙ ۽ ڀيڻ جي اڳواڻي ۾ گهگهر وٽ ڪراچي کي ٺٽي سان ملائيندڙ قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري رکيو ويو، ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون جون ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ڌرڻي ۾ ويٺلن سان ڳالهيون ڪيون، وارثن پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو، نوجوان جي امڙ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي 8 مهينا اڳ نوجوان کي کنڀيو ويو ۽ رحيم يار خان ٿاڻي تي 10 ڪلو چرس رکڻ جي الزام هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪري ظاهر ڪيو ويو 3 مهينا ڪيس هلڻ کانپوءِ عدالت پاران ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي عرفان زهراڻي کي باعزت بري ڪيو ويو، پوليس اهلڪار ۽ ساده ڪپڙا پهريل اهلڪار بنا ڪنهن ڏوهه جي نوجوان کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي. جيستائين عرفان زهراڻي کي آزاد نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو، ٻئي طرف ايس ٽي پي ملير جي اڳواڻن شمشاد زهراڻي، راڻو خان زهراڻي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي ترجمان اصغر باغي پاران اظهار يڪجهتي طور شرڪت پڻ ڪئي ۽ نوجوان کي فوري طور تي بازياب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.