آمريڪي نيوز نيٽ ورڪ ٽن مسلمان صحافين کي معطل ڪري ڇڏيو

واشنگٽن ( م ڊ ) غزا تي اسرائيلي جارحيت عالمي صحافتي برادري کي ورهائي ڇڏيو آهي،  خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي نيوز نيٽ ورڪ ايم ايس اين بي سي سان لاڳاپيل مسلمان اينڪر مهدي حسن کي سندس ٻن مسلمان  ساٿين ايمن محي الدين  ۽ علي ويلشي سان گڏ معطل ڪيو ويو آهي. آمريڪي نيوز نيٽ ورڪ صحافين کي معطل ڪرڻ جي ڪنهن به ارادي جي ترديد ڪئي آهي هوڏانهن عرب نيوز هڪ رپورٽ شايع ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي نيوز نيٽ ورڪ جي فيصلي کان واقف ٻن ذريعن سان ڳالهايو آهي، جن صحافين کي معطل ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. علي ويلشي ٻين شوز ۾ فيلڊ رپورٽنگ ڪري رهيو آهي پر پروگرام جي ميزباني نه پيو ڪري جيڪا هو اڳ ڪندو هو. وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي مواصلات واري وزير چيو آهي ته قطري براڊڪاسٽر اداري الجزيره جي مقامي بيورو کي بند ڪيو وڃي. رائٽرز موجب اسرائيلي مواصلات واري وزير قطري نيوز اسٽيشن تي حماس جي حق ۾ ڀڙڪائڻ ۽ اسرائيلي فوجين کي غير ضروري خطري ۾ وجهڻ جو الزام هنيو آهي. ٻي پاسي رائٽرز  اسرائيلي فورسز کان مطالبو ڪيو ته لبنان جي سرحد تي تي اسرائيلي فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل صحافي عصام عبدالله جي موت جي فوري ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.