ڪراچي واسين لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جون تياريون

اسلام آباد (م  ڊ ) ڪراچي واسين لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي. ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 3 رپيا 2 پئسا مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي 19 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندي.گذريل سال جي چوٿين ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت واڌ جي درخواست ڏني وئي هئي، واڌ پرائس سيٽنگ، آپريشنز اينڊ مينٽيننس ۽ سالياني مهانگائي جي مد ۾ گهري وئي. نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ 13 ارب رپين جي رائيٽ آف جي درخواست ڪئي آهي، ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.