سائفر ڪيس، جيل ٽرائل خلاف فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو

اسلام آباد ( م ڊ ) سائفر ڪيس جي جيل ٽرائل خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  جي رجسٽرار آفيس طرفان جاري ڪيل ڪاز لسٽ موجب چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل ٽرائل خلاف درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيل بدران عدالت ۾ ٻڌڻي جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪجهه ڏينهن اڳ فيصلو محفوظ ڪيو هو. ٻئي طرف سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.