ايم ڪيو ايم جي آفيس کولڻ تان جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي سهراب ڳوٺ واري علائقي جوڻيجو ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس کولڻ تي جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي  ويو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عنايت الله عرف تور خان خانگي اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏنو. پوليس قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو. زخمين ۾ اول گل، شير زمان، محمد خان ۽ انور شامل آهن. سهراب ڳوٺ پوليس مقتول جي ڀاءُ احمد خان جي فرياد تي نامزد جوابدار خلاف قتل ۽ قتل جي ڪوشش جو ڪيس  داخل ڪيو آهي، فوتي جي وارثن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ سهراب ڳوٺ ٿاڻي اڳيان لاش رکي احتجاج ڪيو ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڪامياب ڳالهين کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو. مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن جوابدارن جي جلد گرفتاري جو يقين ڏياريو آهي پر جيڪڏهن 12 ڪلاڪن اندر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ته هو ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو جوابدار جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.