نوابشاهه(رپورٽ: ايم بي چانڊيو) ھاري ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ھارين جي حقن بابت سالانه رپورٽ جي پڌرائي، سنڌ ۾ هارين جي حقن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار، سال 2022 دوران 945 هاري ۽ مزدور نجي جيلن مان ڪورٽ جي حڪمن تحت آزاد، هارين بابت جوڙيل قانونن تي عمل نه ٿي سگهيو، زرعي سڌارا ڪري سرڪاري زمينون بي زمين هارين کي ڏيڻ جي گُهر تقريب کي خطاب ڪندي دانشور محمد صديق منگيو، هاري ويلفيئر ايسو سي ايشن جي صدر اڪرم خاصخيلي ،ڊاڪٽر اشو ٿاما، عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي اڳواڻ احمد خيام ، صحافي ھوش محمد منگي ،مير حسن بروهي چيو ته سنڌ ۾ ھارين ۽ مزدورن جي صورتحال انتھائي خراب آھي سنڌ ۾ ھن وقت به ھارين کي جبري طور نجي جيلن ۾ قيد ڪري انھن کان ٻارن سميت جبري پورهيو ڪرايو وڃي ٿو جيڪو قانون جي خلاف آهي ۽ ھارين سان ٿيندڙ ناانصافين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ ھارين جي حقن جي لتاڙ ڪندڙ زميندارن ۽ جاگيردارن جو سياسي سماجي رتبو ۽ اثر وڌڻ ڪري ھارين سان ظلم ۽ زيادتيون وڌي رھيون آھن ڇوته چونڊيل اسيمبلي نمائندن ۾ 80 سيڪڙو جاگيردار خاندانن تي مشتمل آهي ۽ اھي ڪنھن به صورت ۾ ھارين کي پنھنجا قانوني حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هارين جي استحصال جو وڏو سبب جاگيرداري نظام آهي، هُنن وڌيڪ چيوته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي عدالت هڪ هاري جي پٽيشن تي صوبي جي هارين جي حقن بابت سنڌ جي تاريخ ۾ ٽيننسي ايڪٽ بعد هڪ وڏو تاريخي فيصلو ڏنو آهي، عدالتي فيصلي تحت صوبي جي ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کان هارين جا ڪيس ٻڌڻ جا اختيار واپس وٺي بيگار جي شق کي رد ڪري ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم ٿيڻ تائين هارين جا ڪيس ٻڌڻ جا اختيار جوڊيشل مئجسٽريٽن جي حوالي ڪيا آهن، هنن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان اُن عدالتي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ لکين هارين سان ناانصافي جو چٽو ثبوت آهي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ ٽينينسي ايڪٽ تي عمل ڪري ھاري ڪورٽون قائم ڪيون وڃن رپورٽ مطابق سنڌ ۾ هارين کي ڪنهن به قسم جي سوشل سيڪيورٽي ناهي ان ڪري سنڌ جي هارين کي سوشل سيڪيورٽي ۾ رجسٽرڊ ڪيو وڃي.