پاڪستاني عورت سان شادي ڪندڙ افغاني کي شهريت ڏيڻ جو حڪم

پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستاني عورت سان شادي جي بنياد تي افغان شهري کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو پشاور هاءِ ڪورٽ لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته زينت بيگم پاڪستاني ۽ مڙس افغان شهري آهي. هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته زينت بيگم پاڪستاني شهري آهي انڪري سندس مڙس کي پاڪستاني شهريت ڏني وڃي. عدالت جو چوڻ آهي ته زينت بيگم جي مڙس گهور وزارت ۾ پنهنجي درخواست جمع ڪرائي.ياد رهي ته وفاقي حڪومت غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ 31 آڪٽوبر تائين جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ ڪيئي خاندان واپس افغانستان وڃي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.